“ابليس” هن مجموعي جي چوٿين ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ هڪڙي اهم ترين سماجي ۽ نفسياتي مسئلي جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن ۾ ڪو ماڻهو نفسياتي طور نيڪرو فيليا بيماريءَ جو شڪار هوندو آهي. ڪهاڻيءَ جو مرڪزي خيال اهو ئي آهي جيڪو ڪافي عرصي کان پرنٽ، اليڪٽرانڪ توڙي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندو رهيو آهي، جنهن ۾ قبرستانن اندر تازين دفن ٿيل قبرن کي کوٽي مرده جسمن سان زنا جهڙين خبرن جو ذڪر ٿيندو رهيو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ پڻ ان ئي سماجي برائيءَ جو نه رڳو ذڪر ڪيو ويو آهي پر قبرستانن جي حفاظت ڪندڙن کي پڻ ان ڪريل حرڪت ۾ شامل ۽ شريڪ ڏيکاريو ويو آهي.
هونئن به زوال پذير سماجن ۾ جيڪا فڪري ڀڃ ڊاهه ٿيندي آهي، ان جو نتيجو اهو ئي نڪرندو آهي جو سماج ۾ سماجي قدر ۽ ويليوز، احساس ۽ انسانيت جي جاءِ تي بي راهه روي، افراتفري، خود مطلبي ۽ بي حسي جهڙيون وبائون ڦهلبيون آهن. ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي هن ريت ٿئي ٿي:
“ٺيڪ آهي.” هو بيلٽ ۽ پينٽ جا بٽڻ کوليندو اونداهيءَ ۾ ان کليل قبر طرف هلڻ لڳو ۽ گورڪن سندس دوست جي انتظار ۽ ساڳي اوندھيءَ ۾ بيٺو رهيو.
پنجين ڪهاڻي “اٺون موڙ” آهي. هن ڪهاڻيءَ جو مک ڪردار جيڪو ڪار تي سوار آهي، جنهن جي نظر اوچتو هڪ موٽر سائيڪل سوار تي پئي ٿي جنهن جي موٽر سائيڪل جو سائيڊ اسٽينڊ هيٺ ٿيل آهي، جنهن سبب ڪار سوار کي وهم وڪوڙي ٿو وڃي ته ان سبب موٽر سائيڪل سوار حادثي جو شڪار ٿي سگهي ٿو. هن جي ذهن ۾ هڪڙو تصور اهو به اڀري ٿو ته موٽر سائيڪل سوار روڊ تي ڪريو پيو آهي ۽ سندس مغز جا ذرڙا روڊ سان چنبڙي ويا آهن.
هو انسانيت جي جذبي تحت ان موٽر سائيڪل جو پيڇو ڪرڻ لڳي ٿو ۽ نيٺ اٺون موڙ مڙندي سندس ڪار موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي ٿي وڃي موٽر سائيڪل سوار مري ٿو وڃي. مطلب ته ڪار وارو جنهن بي احتياطيءَ کان موٽر سائيڪل سوار کي بچائڻ لاءِ سندس پيڇو ٿو ڪري، پاڻ ساڳي بي احتياطيءَ جو شڪار ٿي، ان انسان جي موت جو سبب ٿو بڻجي.
“چار ڪلاڪ” هيءَ هن ڪتاب جي چهين ڪهاڻي آهي. هيءَ ڪهاڻي ڪلاسيڪل ۽ جديد ڪهاڻيءَ جو مرڪب آهي. هڪ طرف ڪهاڻيءَ جي هيروئن جيڪا لکيل پڙهيل، نوڪري پيشه، نسبتن خودمختيار ۽ پرڏيھه وڃي سيٽلڊ ٿيڻ جي خواهشمند آهي ۽ خوشحال گهراڻي جي ڪنهن اهڙي همسفر جي ڳولا ۾ آهي، جيڪو سندس انهن خواهشن ۽ خوابن جي ساڀيان ۾ سهڪاري ۽ مددگار بڻجي سگهي. ٻئي طرف هيرو مڊل ڪلاس جو نوڪري پيشه نوجوان آهي جيڪو ساڳئي اداري ۾ نوڪري به ڪري ٿو ته ڪتابن سان رغبت به رکي ٿو، جيڪو وقت بوقت هيروئن سان دٻيل لفظن ۾ محبت جو اظهار به ڪري ٿو ته کيس تحفي طور ڪتاب پڻ ڏيندو رهي ٿو. هيروئن اوچين خواهشن ۽ خوابن سبب هيرو طبقاتي حيثيت سبب بيزار هوندي آهي، جنهن منجهان لاحاصل محبتن واري ڪلاسيڪل ادب واري خوشبوءِ ٿي اچي.
ڪهاڻيءَ ۾ واقعن پٺيان اهڙا واقعا رونما ٿين ٿا، جو اهي واقعا هيروئن کي هڪ ليکڪ وٽ وٺي اچن ٿا ۽ هوءَ ڪهاڻي لکائڻ لاءِ کيس سربستي وارتا ٻڌائڻ تيِ مجبور ٿئي ٿي. ان وقت اتفاقن ليکڪ کي اسپتال مان فون اچي ٿي، جتي سندس دوست زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي، جنهن سبب ليکڪ ۽ هيروئن اسپتال پهچن ٿا، جتي اهو مڊل ڪلاس نوجوان داخل هوندو آهي، جيڪو هيروئن جو پراڻو عاشق ۽ ڳجهي طرح سندس معاشي مدد ڪندڙ ايستائين جو کيس گڙدو ڊونيٽ ڪندڙ به، جنهن تي ئي هيروئن ڪهاڻي لکائڻ چاهي ٿي.
ليکڪ کي ڊاڪٽر چار ڪلاڪ انتظار ڪرڻ جو چون ٿا. ان چئن ڪلاڪن جي انتظار تي ڪهاڻي پنهنجي پڄاڻي تي پهچي ٿي. منهنجي خيال ۾ هن ڪهاڻيءَ ۾ متن، چيل ۽ اڻ چيل ٻنهي طريقن سان سماجي لاڳاپن ۽ تضادن کي ظاهر ڪري ٿو. هڪڙي حساب سان هي ڪهاڻي زبردست تاثراتي ڪهاڻي به آهي. هونئن به جنهن به آرٽ ۽ ادب ۾ تاثير ناهي، اهو عام ۽ اجايو ادب آهي. تاثير مان منهنجي مراد اها آهي ته ڪهاڻي پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جي سيني ۾ قلمڪار جي دل ڌڙڪڻ لڳي.
“لسا چوڪرا” ڪهاڻي هن ڪتاب جي نائين ڪهاڻي آھي.
)هلندڙ)