ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نواز شريف تي مهربان اسٽيبلشمنٽ ڪفارو پئي ادا ڪري؟

Editorial-Article- Allahbux Rathor

لنڊن ۾ ميان نواز شريف جي روانگي وقت پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر جي سلامي، سعودي ۽ گڏيل عرب امارتن جا شاهي دسترخوان ۽ مهربانيون، پاڪستان جي ڌرتيءَ تي قدم رکڻ کان پهريان عدالت جو ريڊ ڪارپيٽ ڪو نه ڪو پيغام ته ڏين ٿا؟ ممڪن آهي ته ميان شريف، واڳ ڌڻين سان ڪا روايتي ڊيل نه ڪئي هجي، نه ئي عمران خان پروجيڪٽ جيان سڀ ڪجهه تباهه ڪرڻ واري سوچ تي عمل ڪرڻ گهرندو هجي، پر هيل تائين جيڪي مهربانيون ٿي رهيون آهن، ڇا انهن جي پٺيان ڪابه ڪهاڻي ناهي؟ (ن) ليگ جي اڳوڻي اتحادي پارٽي، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو جو هي الزام، ته ملڪ ۾ آئين جي ڀڃڪڙي ڪندي چونڊن کي اڳتي ان ڪري ڪيو ويو ته ميان نواز شريف جي ڏيهه واپسيءَ تي اتفاق ٿي نه رهيو هو. ان جي جواب ۾ (ن) ليگ چئي ٿي ته ملڪ کي اسان کانسواءِ ڪوبه بچائي نٿو سگهي، ان ڪري اسان ئي عوام جي اميد آهيون. جن ميان نواز شريف کي سزا ڏني، انهن کي ئي پنهنجي سوچ تي نظرثاني ڪرڻي پئي ۽ انهن هي به ڏسي ڇڏيو ته ماضي جي حڪمرانن سان جيڪا ڊيل ڪئي وئي، ان ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ بدران پوئتي ئي ڌڪيو ۽ ترقيءَ جو ڦيٿو رڪجي ويو. اهي سموريون ڳالهيون ٻڌائين ٿيون ته ملڪ اندر ڪو نئون معاهدو يا ڊيل ٿي آهي، جنهن تحت ميان نواز شريف تي گلن جي ورکا ٿي رهي آهي. سڀني جي زبان تي اها به ڳالهه آهي ته جيڪڏهن واڳ ڌڻين کان وٺي، پنجاب جي نگران حڪومت تائين ۽ اهي سمورا، جيڪي ڪا حيثيت رکن ٿا. اهي جن جو ريڪارڊ آهي ته انهن ڪڏهن به ووٽ کي عزت نه ڏني. اهي ڪيئن سهولت ڪاري ڪري رهيا آهن. پر جنهن ووٽ کي (ن) ليگ عزت ڏني پئي، اها کين ملندي يا نه؟جيڪڏهن (ن) ليگ کي گهربل اڪثريت نه ملي سگهي ۽ اها اتحادين جي رحم ڪرم تي رهجي وڃي ته پوءِ پهرين ته ووٽ جي عزت خراب سمجهي ويندي. ان کان پوءِ هر معاملي تي ڪيئن ميان نواز شريف کي مجبور ڪيو ويندو ته اهو اتحادين سان سوديبازي ڪري. اهڙين حالتن ۾ پي ٽي آءِ ۽ (ن) ليگ جي ڪارڪردگيءَ ۾ ڪهڙو فرق رهندو؟.
هي حقيقت آهي ته ملڪ جي نئين ميثاق سياست لاءِ معاملا طئي ٿيڻ کان پوءِ ئي ميان نواز شريف ڏيهه وري پيو. هي ساڳيو نواز شريف ۽ ان جو خاندان هو، جنهن کي سعودي عرب جي آشيرواد جي باوجود جهاز ۾ ويهاري ڊي پورٽ ڪيو ويو. هي ساڳيو وڏو شريف ۽ سندس ڌيءَ هئي، جيڪا سزا کائڻ لاءِ ملڪ واپس آيا ۽ کين ايئرپورٽ تان جيل ياترا ڪرائي وئي. وري انهن کي ڊگهي بحث مباحثي ۽ واڳ ڌڻين جي مداخلت، ڏيهي ۽ پرڏيهي قوتن جي اشاري تي عدالت کان اجازت وٺي لنڊن موڪليو ويو ۽ هو لڳاتار اتي ئي رهيو. هاڻ ساڳيو ئي نواز شريف آهي، جنهن جي اچڻ کان اڳ عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ راهداري ضمانت منظور ٿي وئي. ميان صاحب کي جيڪي رعايتون ملي رهيون آهن، انهن جي ڪنهن کي به مخالفت نه ڪرڻ گهرجي. ان سان گڏ ان جي مخالفن کي، جيڪي پهريان ساڳيون رعايتون حاصل ڪندا هئا، انهن لاءِ ايستائين جو توبهه جا دروازا بند آهن. هي سڀ ڪجهه ڪنهن اڳواٽ جوڙيل رٿابندي کانسواءِ ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ اهو جج،جنهن ميان نواز شريف کي سزا ٻڌائي، اهو ئي حفاظتي ضمانت ڏئي رهيو آهي.
نواز شريف جي ڏيهه واپسيءَ کان پوءِ ان کي عوامي موٽ ملڻ جو پيمانو شايد هي نه هوندو ته لاهور واسي ۽ ملڪ جي ٻين حصن جو عوام پنجاب حڪومت جي برياني کائڻ لاءِ ايندو. پر اصل امتحان ان وقت شروع ٿيندو، جنهن وقت نين تڪبندين کان پوءِ چونڊن جو اعلان ٿيندو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ سويلين راڄ کي ڏسي سگهندو. ان سان گڏ مهانگائي کان وٺي، عالمي ادارن جي شرطن تائين، ڏيهي ۽ پرڏيهي پاليسين جي ٻيهر جوڙجڪ سميت اڻ ڳڻيا اشوز هوندا، جن کي منهن ڏيڻو پوندو. هي به ڏسڻو پوندو ته واڳ ڌڻي ميان نواز شريف کي اقتدار منتقل ڪن ٿا يا فقط شريڪ ڪن ٿا. ڪٿي ائين نه ٿئي ته ميان نواز شريف کي چيو وڃي ته هو ڏسندو رهي ته واڳ ڌڻي ڪيئن شاٽس کيڏن ٿا. ان کان اڳ ۾ نيب کان وٺي اهم ادارن تائين آن ڊيوٽي ۽ رٽائرڊ براجمان ٿي چڪا آهن. انهن جي پنهنجن ادارن ڏانهن واپسي ٿيندي يا صورتحال جيئن جو تيئن برقرار رهندي؟
جيڪڏهن (ن) ليگ جو حقيقي سربراهه اقتدار جي ايوانن ۾ داخل ٿي به وڃي، پر اها گلن جي سيج نه هوندي. ان حوالي سان هو پاڻ به چڱي ريت سمجهندو هوندو. امتحان شروع ئي تڏهن ٿيندو، جڏهن ميان نواز شريف چوٿون ڀيرو وزير اعظم ٿيندو. هن ملڪ تي حڪمراني ڪرڻ انتهائي ڏکيو ڪم آهي. هي حقيقت آهي ته مسئلن کي حل ڪرڻ ڪنهن هڪڙي پارٽيءَ جو ڪم ناهي. سڀئي ڏسندا ته ميان نواز شريف، مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ انهن ئي قوتون کي آواز ڏيندو، جيڪي اڳ به ان جون اتحادي رهي چڪيون آهن. وسيع نظريءَ سان ڏٺو وڃي ته ان کانسواءِ ڪو ٻيو رستو به ناهي. سياسي قوتن جو هڪ پليٽ فارم تي رهڻ انتهائي ضروري آهي.
جيڪڏهن ڪنهن ڌر کي رعايتون ملن ٿيون ۽ ٻين کي ليول پلينگ نٿي ملي ته اها ڳالهه شايد ڪنهن کي به قابل قبول نه هوندي. هن ملڪ جو الميو ئي اهو آهي ته واڳ ڌڻين جي جنهن ڌر کي آشيرواد ملندي آهي، ان جي ئي پٺي ٺپي، چيو ويندو آهي ته “چڙهه جا بيٽا سولي په، رام تيرا ڀلا ڪري.” وڏي ڳالهه ته سوريءَ تي سموريون پارٽيون چڙهڻ لاءِ تيار هونديون آهن، پر هي واڳ ڌڻين جي چوائس هوندي آهي. هن ڀيري، ظاهري طور جيڪو بندوبست ڪيل نظر اچي ٿو، ان تحت (ن) ليگ ئي فيورٽ آهي. واڳ ڌڻي سمجهن ٿا ته گذريل ڪجهه سالن کان (ن) ليگ خاص ڪري ميان نواز شريف سان زيادتي ٿي، جيڪا حقيقت به آهي. هينئر اليڪشن ڪميشن ايندڙ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري يا نه، پر ملڪ جي اعليٰ عدالت آئين تي عمل ڪرائڻ ۾ دير نه لڳائيندي. ان حوالي سان گهڻي اڳڀرائي به ٿي چڪي آهي. هي خطرو به آهي ته اعليٰ عدالت ڪو يوٽرن نه وٺي، جنهن جي نتيجي ۾ معاملا خراب ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن اعليٰ عدالت هي چوي ته جيڪو پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊن جي حوالي سان فيصلو ڪيو ويو، ان تي عمل ڇو نه ٿيو؟ ان پٺيان ڪهڙيون قوتون هيون ته نئون پنڊورا باڪس کلي ويندو. هينئر عدليا به تاريخ جي ريڪارڊ کي درست ڪرڻ واري ڪِرت ۾ لڳل آهي، جنهن قسم جا تاريخي فيصلا سامهون اچي رهيا آهن، انهن کي ڏسندي ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. واڳ ڌڻين جي سوچ ته واضح نظر اچي ٿي ته هو رياستي نظام هلائڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن. ان ڪري هو سياسي قوتن جي پٺيان لڪي، چمڙا پوشي ڪرڻ گهرن ٿا. هنن کي ڪجهه سال ڪڍڻا آهن ۽ ان کان پوءِ سياسي قوتن تي ساڳيو دٻاءُ برقرار رکڻو آهي. پيپلز پارٽي ۽ ٻين ڌرين جا خدشا درست آهن ته جيستائين واڳ ڌڻين ۽ ميان نواز شريف ۾ معاملا طئي نه ٿيا، ايستائين چونڊ عمل کي روڪيو ويو. هينئر ٻيهر سڌي ليڪ ۾ معاملا درست ٿيڻ شروع ٿيندا، پر اهو طئي آهي ته جيڪڏهن (ن) ليگ چونڊن کي التوا جو شڪار ڪرڻ به گهري، نه ڪري سگهندي. (ن) ليگ لاءِ هڪ طرف سمنڊ ۽ ٻئي پاسي زياد جو لشڪر هوندو. ان جو مطلب هي آهي ته هڪ طرف واڳ ڌڻي ۽ ٻئي پاسي طاقتور سپريم ڪورٽ هوندي، جنهن کي منهن ڏيڻو پوندو. باقي ڪسر (ن) ليگ جون مخالف ڌريون پوريون ڪري ڇڏينديون..

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button