ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ايندڙ حڪومت ڪيتري خودمختيار هوندي؟

اليڪشن ڪميشن جنوري 2024ع ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي. سياسي پارٽين جو زور به ان ڳالهه تي آهي ته چونڊون جيترو جلدي ٿي سگهن ته بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام ايندو ۽ ملڪي معيشت به ڪنهن قدر بهتر ٿي ويندي. نواز شريف جي واپسيءَ کانپوءِ جهڙي ريت کيس ڪيسن ۾ رعايت ملي رهي آهي ۽ هن لاءِ جيڪو ماحول ٺهيو آهي، ان مان اندازو لڳائڻ ڏکيو ڪونهي ته ايندڙ چونڊون (ن) ليگ کي کٽرائي اقتدار ان جي حوالي ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ ته عمران خان پراجيڪٽ مڪمل طور ناڪام رهيو. جڏهن عمران خان نيازيءَ کي اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوا وزير اعظم بڻائڻ لاءِ سڀڪجهه ڪيو تنهن هوندي به سندس پارٽي ڪا بهتر ڪارڪردگي ڪونه ڏيکاري سگهيو. ان وقت مسئلو اهو ٿي پيو هو ته هاڻ عمران خان نيازيءَ مان جان ڪيئن ڇڏائي وڃي. اهڙي ريت اهو سلسلو وڏي وقت تائين هلندو رهيو ۽ پي ٽي آءِ اقتدار ۾ پوڻا چار سال ڪڍي وئي. جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ جو اسٽيبلشمينٽ مخالف بيانيو ايترو ته مقبول ٿي ويو جو هو ملڪ جو سڀ کان مقبول ترين اڳواڻ بڻجي ويو. پر پوءِ 9 مئي وارو واقعو ٿي ويو.
هن وقت جڏهن ملڪ ۾ (ن) ليگ لاءِ ماحول حق ۾ ٿي ويو آهي ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته نواز شريف جيڪڏهن چوٿون ڀيرو ملڪ جو وزير اعظم ٿي ٿو وڃي ته هو ڪيترو آزاد هوندو ۽ هو ڪهڙي ريت اهڙا فيصلا ڪري سگهندو جيڪي اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءُ ۾ نه اچن. ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ نواز شريف جڏهن به اقتدار ۾ رهيو آهي ته سندس ڪيل فيصلن مان اسٽيبلشمينٽ ڪڏهن به خوش ڪونه رهي آهي. خاص طور ڀارت سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ تي اسٽيبلشمينٽ سدائين ڪاوڙيل رهندي آئي آهي. ان کانسواءِ نواز شريف پيپلز پارٽيءَ کان وڌيڪ سول بالادستيءَ جو حامي آهي. جيتوڻيڪ ملڪ جي بهتري سول بالادستيءَ ۾ آهي پر اها ڳالهه اسٽيبلشمينٽ جي رٽ کي چئلينج ڪري ٿي. تنهنڪري اها ڪڏهن به نه چاهيندي ته جمهوري انداز ۾ چونڊيل ڪا به حڪومت اهڙا فيصلا ڪري جن سان جمهوريت مضبوط ٿيندي وڃي ۽ عوام جو ويساهه جمهوريت ۽ سياستدانن تي بحال ٿئي. ملڪ ۾ جيڪي به آمريتي دور رهيا آهن، انهن ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا آهن، انهن نه رڳو ملڪ کي نقصان ڏنو آهي پر انهن دورن ۾ هر قسم جي آزاديءَ کي ڇيهو رسايو ويو آهي. عوام کي ان ڳالهه لاءِ قائل ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو ويو ته سياستدان ڪرپٽ هوندا آهن، اهي ملڪي معاملن کي چڱي ريت هلائي نٿا سگهن، تنهنڪري ملڪ جون واڳون انهن جي هٿن ۾ نٿيون ڏئي سگهجن ۽ نه ئي اهي پرڏيهي پاليسيءَ جا فيصلا ڪري سگهن ٿا.
اهڙي صورتحال ۾ جڏهن عوام جو اعتماد سياستدانن تي نه هجي ۽ اهو ان کي پنهنجو دشمن سمجهندو هجي ته پوءِ اهو ممڪن ئي ڪونهي ته ماڻهو سياستدانن تي ائين اعتماد ڪن جيئن ٻين جمهوري ملڪن ۾ ڪيو ويندو آهي. پر هڪ اهڙو ملڪ جيڪو سدائين آمريتن تي چنبي ۾ رهيو هجي، اتي جمهوري آزادي ڦڙو ڦڙو ٿي ملندي آهي، اها به تڏهن جڏهن سياستدان ۽ سياسي پارٽيون پنهنجي سياسي آزاديءَ تي ٺاهه نه ڪن. پر جيڪڏهن ڪا پارٽي ٻي پارٽيءَ کي پاسيرو ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهه ڪري ته پوءِ ان جي سياسي آزادي به کسجي ويندي آهي. (ن) ليگ ماَضي ۾ ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هڻندي رهي ۽ نواز شريف انهن سڀني ڪردارن کي وائکو ڪري کين سزائون ڏيارڻ جو چوندو رهيو پر هاڻ ان تان به هٿ کڻي ويو آهي. سندس چوڻ آهي ته هن اهو معاملو به الله تي ڇڏي ڏنو آهي. اصل ۾ اهو معاملو اسٽيبلشمينٽ سان نه ڦٽائڻ جو آهي. ڇاڪاڻ ته اسٽيبلشمينٽ سان ڦٽائڻ کيس سدائين مهانگو پيو آهي.
نواز شريف لاءِ سڀ کان پهرين ملڪ جون معاشي حالتون بهتر ڪرڻو وارو هدف هوندو. اهو هدف تڏهن پورو ٿي سگهي ٿو، جڏهن پاڙيسري ملڪن سان هلندڙ سڀئي تڪرار ختم ڪيا وڃن يا انهن جو ڪو سياسي حل ڳوليو وڃي. جتي امن هوندو، اتي ئي سرمائيڪاري به ايندي، معيشت کي ٽيڪو ملندو ۽ عوام مهانگائيءَ جي مار کان بچي ويندو. پر ٻئي پاسي پاڪستان آءِ ايم ايف جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل آهي ۽ ان کي آءِ ايم ايف جون شرطون هر حال ۾ پوريون ڪرڻِيون آهن. جيڪڏهن پاڪستان اهو فيصلو ڪري ٿو ته اهو پنهنجي توانائيءَ جون گهرجون روس ۽ ايران وٽان پوريون ڪرڻ چاهي ٿو ته ان سان وڏو فائدو ٿيندو پر ڏسڻو اهو آهي ته ايندڙ حڪومت اهي فيصلا آزاديءَ سان ڪري سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button