ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ليول پليئنگ فيلڊ ڪنهن کان گهري پئي وڃي؟

جيئن ئي ميان نواز شريف، پاڪستان ۾ لينڊنگ ڪئي آهي، تيئن ئي هي مطالبو زور سان ڪيو پيو وڃي ته سمورين ڌرين کي ليول پليئنگ فيلڊ ڏني وڃي. جنهن جو مطلب هي آهي ته (ن) ليگ يا ميان نواز شريف کانسواءِ باقي سياسي ڌرين کي ليول پليئنگ فيلڊ نه پئي ڏني وڃي. ليول پليئنگ جو مطلب ڇا آهي؟ هي ملڪ جي سياست ۾ ڪير ڏئي سگهي ٿو؟ اها ڳالهه پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ کان پڇي وئي ته هن چيو “اسان نواز ليگ کان ليول پليئنگ گهرون ٿا، اسٽيبلشمنٽ کان ڪابه شڪايت ناهي.” ان کي سياسي پنڊتن اڌ سچ قرار ڏنو.
ليول پليئنگ فيلڊ جو مطالبو اهي ڌريون نه ڪري رهيون آهن، جيڪي آشيرواد حاصل ڪري چڪيون آهن، پر ان حوالي سان پيپلز پارٽي سڀني کان اڳڀري آهي. هاڻ پي ٽي آءِ به ساڳي ڳالهه ڪرڻ لڳي آهي ته انهن کي (ن) ليگ جيان ليول پليئنگ نه پئي ڏني وڃي. ان جو مطلب هي به آهي ته پ پ ۽ پي ٽي آءِ ساڳي ٻيڙيءَ جون سوار آهن؟ جيڪڏهن ٿوري گهڻي فرق سان ڏٺو وڃي ته جنهن ڌر کي اقتدار ۾ شامل يا شريڪ ڪيو ويندو آهي، ان کي باقي ڌرين جي ڀيٽ ۾ بهتر ليول پليئنگ ڏني ويندي آهي. هن ملڪ ۾ ليول پليئنگ اصل ۾ سياسي پارٽيون نه ڏينديون آهن، پر هي ڪم اسٽيبلشمنٽ ڪندي آهي. ان ڪري هر پارٽيءَ جي اها خواهش هوندي آهي ته اها ئي واڳ ڌڻين جي اکين جو تارو هجي. سياستدانن کي خبر آهي ته اقتدار ۾ اچڻ جو ذريعو ووٽ جي پرچي ناهي، پر گيٽ نمبر چار آهي.
هن ملڪ ۾ اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ اسٽيبلشمنٽ پنهنجا پتا اڳ ئي ڏيکاري ڇڏيندي آهي ته انهن جو رويو ڪهڙو آهي، هو ڪهڙي پارٽيءَ کي اقتدار ۾ ڏسڻ گهرن ٿا. هي سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي ته هن ملڪ ۾ آزاد ۽ منصفاڻيون چونڊون ڪنهن ديواني جي خواب کان کانسواءِ ڪجهه به ناهن. اهو ڏسڻ ۾ اچي پيو ته رياستي ادارا ڪنهن جي سهولت ڪاري ڪري رهيا آهن. انتظاميا ڪنهن جي ٻڌي ٻانهي غلام آهي؟ اهو به ڏسڻ ۾ اچي پيو ته رياستي وسيلا ڪنهن تي خرچ ٿي رهيا آهن؟ انتظامي مشينري ڪنهن جي اشاري تي ڪم ڪري رهي آهي؟ ايستائين جو اليڪشن ڪميشن جو رويو به گهڻو ڪجهه ٻڌائيندو آهي. باقي رهيل ڪسر نگران پوري ڪري ڇڏيندا آهن. اهو به ڏٺو ويو آهي ته نگران ڪنهن هڪ ڌر جا نامزد ٿيل هوندا آهن، پر هو ڪم وري انهن جي خلاف ڪندا آهن. نگرانن کي اچڻ کان اڳ ٻڌايو ويندو آهي ته انهن کي ڪرڻو ڇاهي؟ جيڪڏهن هو اهو سڀ ڪجهه نه ڪندا ته کين اڳ ئي اقتدار ۾ اچڻ نه ڏنو ويندو آهي، جيڪڏهن اچي به ويا ته انهن کي نيوٽرلائيزڊ ڪيو ويندو آهي. باقي مشينري کي اشارو ڏنو ويندو آهي ته انهن جي چوڻ تي ڪوبه ڪم نه ٿيڻ گهرجي. ان حوالي سان ڪلاسيڪي مثال نجم سيٺي جو آهي، جيڪو سينيئر صحافي آهي پر هو اقتدار جي ڪاريڊور ۾ اعتماد وارو سمجهيو ويندو آهي. گذريل ڀيري پيپلز پارٽيءَ جي چوڻ تي نامزد ٿيو، پر ڪم هن پ پ جي خلاف ڪيو. ساڳي ريت 35 پنچرن جي آڙ ۾ عمران خان به گهڻو گوڙ ڪيو. ان کانپوءِ نجم سيٺي تي لڳاتار مهربانيون ٿينديون رهيون ۽ اقتدار جي ايوانن ۾ موجون ماڻيندو رهيو. هينئر نگرانن جي دور ۾ کيس پاسيرو ڪيو ويو آهي. پر اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن (ن) ليگ جي حڪومت ايندي ۽ هي سينيئر صحافي اڇي ڪاري جو مالڪ ٿي ويندو. هي ساڳيو شخص آهي، جيڪو لنڊن گروپ جو حصو هو. هو لنڊن مان 72 نوجوانن جي قافلي سان گڏ ڪوئيٽا ويا، جتان بلوچ گوريلا جنگ وڙهڻ لاءِ ويا. حيرت ان وقت ٿي، جنهن وقت نجم سيٺي کي فوجي هيليڪاپٽر ۾ مرين جي علائقي ۾ جنگ وڙهڻ لاءِ موڪليو ويو.
هن ملڪ ۾ اهڙا اتفاق ڪيترائي ڀيرا ٿي چڪا آهن ۽ اسٽيبلشمنٽ ڪجهه ماڻهن کي پلانٽ ڪري ڇڏيندي آهي. اهي ظاهري طور هڪ ڪم لاءِ ويندا آهن، انهن جو اصل ڪم ڪو ٻيو هوندو آهي. هينئر به ساڳي صورتحال نظر اچي پئي، پنجاب جو وڏو وزير به سينيئر صحافي آهي، هن جي مقرري جو اشارو پ پ چيئرمين آصف زرداري ڏنو، پر جنهن وقت ميان نواز شريف لنڊن کان اسلام آباد ۽ اتان لاهور آيو ته سموري صوبائي مشينري ميان صاحب جي خدمت لاءِ حاضر هئي. اها ڳالهه سڀني سمجهي ورتي ته ميان نواز شريف کي اسٽيبلشمنٽ جو آشيرواد حاصل آهي، ان ڪري کيس پروٽوڪول مٿان پروٽوڪول ملي رهيو آهي.
هن ملڪ جي سياست ۾ لاڏلي جو لفظ مروج رهيو آهي، جيڪو هر ايندڙ حڪومت جي سربراهه لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي. لاڏلو رڳو لياري جو گينگسٽر نه هو، پر حڪومتي گينگ ۾ شامل به لاڏلا ئي سڏبا آهن. ايترو ئي نه ٿيو آهي، بلاول ڀٽو هي الزام به مڙهيو ته هڪ شخص سان ڊيل ۾ دير سبب ملڪ ۾ عام چونڊون به التوا جو شڪار ٿيون. گڏيل مفادن جي ڪائونسل کان اهڙو فيصلو ڪرايو ويو، جيڪي اڳ ئي واڳ ڌڻين جي اکين جا تارا هئا. اهو مطالبو ايم ڪيو ايم جو هو ته نئين آدمشماريءَ جي انگن اکرن مطابق چونڊون ڪرايون وڃن. ايم ڪيو ايم کي ڪوبه فائدو نه ٿيو، نون انگن اکرن جي روشنيءَ ۾ ڪراچيءَ ۾ رڳو هڪڙي قومي اسيمبليءَ جي سيٽ وڌندي، ان لاءِ هي چئي نٿو سگهجي ته اها ايم ڪيو ايم کي ئي ملندي. پر ان معاملي کي (ن) ليگ استعمال ڪيو ۽ فائدو حاصل ڪيو. ڇاڪاڻ ته ميان نواز شريف ۽ اسٽيبلشمنٽ ۾ ڳالهيون گهڻيون ڊيگهه اختيار ڪري ويون. گڏيل مفادن جي ڪائونسل جي فيصلي جي نتيجي ۾ معاملو (ن) ليگ جي حق ۾ ويو. ان فيصلي ۾ پ پ به شامل هئي،جنهن کي بعد ۾ هوش آيو ته انهن سان هٿ ٿي ويو.
ليول پليئنگ بابت هڪ سينيئر صحافي جو چوڻ آهي ته پ پ جو مطالبو سڌو سنئون واڳ ڌڻين کان آهي ته اهي ميان نواز شريف لاءِ اقتدار جي سيج سجائي رهيا آهن. ان تي پ پ به ويهي سگهي ٿي، ان جي به مٿي تي هٿ رکيو وڃي. هي حقيقت به آهي، ان ڪري هي چيو پيو وڃي ته (ن) ليگ کانسواءِ ٻين پارٽين کي ليول پليئنگ نه پئي ڏني وڃي. پ پ جي گذريل سينٽرل ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو جي وچ ۾ جن جملن جي ڏي وٺ ٿي ۽ پ پ چيئرپرسن، پنهنجي ئي پارٽيءَ جي سين ئر اڳواڻ خورشيد شاهه کي جيڪو طعنو هنيو هو ته هن شريفن جو ڪيس وڙهيو. ان تي بلاول ڀٽو چيو ته خورشيد شاهه ته ڪيس وڙهيو،پر آصف زرداري (ن) ليگ جو وزير اعظم مقرر ڪرايو. جنهن تي ٽهڪڙا به متا. ان وقت به هي طئي ٿيو ته پ پ اينٽي اسٽيبلشمنٽ بيانيو اختيار نه ڪندي، ان حوالي سان آصف زرداري طاقتور ڌرين سان ٻيهر ڳالهائيندو. هن چوڌري شجاعت حسين کان وٺي انهن سمورن کيڏارين سان ڳالهايو، ايستائين جو واڳ ڌڻين سان سڌيون ڳالهيون به ٿيون، پر ناڪامي ٿي، جنهن بعد پ پ جي خاص ڪري مرڪز ۾ اقتدار ۾ اچڻ جو خواب ساڀيان نه ٿيو. انهن گڏجاڻين ۾ ناڪامي کانپوءِ بلاول ڀٽو ليول پليئنگ نه ملڻ جون ڳالهيون ڪيون. جيستائين نگرانن جو واسطو آهي ته اهي به سهولت ڪار آهن،نگرانن کي اقتدار ۾ آڻڻ جو خواب جنرل ضياءَ ڏٺو، پر هن محمد جوڻيجو جي حڪومت ختم ڪري، نگران مقرر نه ڪيا، پر پاڻ ئي چونڊن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو. جنرل ضياءَ کي ته ڪنهن تي به اعتماد نه هو. جيڪڏهن نگرانن جو تصور ڏيندڙ ان تان هٿ کڻي ويو ته پوءِ ايندڙ سويلين حڪومتن کي نگرانن مقرر ئي نه ڪرڻ گهرجن ها. هينئر نگرانن جو ڪم به واڳ ڌڻين جي خدمت ڪرڻ آهي. اهي پراسرار گهوڙا آهن، جن کي وڃائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، پر عوام جي ڳچيءَ ۾ هو مهانگائيءَ کان وٺي هر ڳارو وجهي سگهن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button