ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪڍڻ ۾ ڊرين سم نالي تي قبضو

سنڌ ۾ گذريل سال آيل ٻوڏ جا اثر مس وڃي گهٽ ٿيا آهن، پر تنهن هوندي به ماڻهو ٻوڏ جي سببن کان مڙن نٿا، اهي ڪي به احتياطي اپاءَ وٺڻ لاءِ تيار ڪونه آهن، جن سان ايندڙ وقت ۾ ٻوڏ کان بچي سگهجي يا وري ڪنهن تباهيءَ کي منهن ڏئي سگهجي. اهڙي صورتحال ۾ اهي رڳو پنهنجي لاءِ تباهيءَ جو سامان تيار ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ٻوڏن ۽ آفتن کان بچڻ رڳو حڪومت يا ادارن جي ذميواري ڪونه پر عام ماڻهوءَ جي به اها ذميواري آهي ته اهو پنهنجي ذميواريءَ کي محسوس ڪندي هر قسم جا اپاءَ وٺي جيڪي ضروري آهن. پر اسان وٽ قبضي جي نفسيات نه رڳو تباهي آندي آهي پر فطري لنگهن کي به بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهنڪري برساتن کان پوءِ پاڻيءَ کي لنگهه ڪونه ملندو آهي ۽ ٻوڏ وڏي تباهي مچائي ڇڏيندي آهي. اڃا به ماڻهو سم نالن، واهن ۽ شاخن تي قبضا ڪرڻ کان نٿا ڪيٻائين. اهي نه رڳو ان ڪم کي جاري رکندا پيا اچن پر انهن جي ڪنارن تي آباد ماڻهن لاءِ به تباهيءَ جو بندوبست ڪري رهيا آهن. سنڌ سدائين ٻوڏن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندي آهي. ان ڪري جو سنڌ ملڪ جي پوڇڙ ۾ اچي ٿي.
ڪڍڻ ۾ به ڪجهه اهڙي ئي صورتحال آهي. ڪڍڻ لنڪ ڊرين سمن نالي کي لنڊ مافيا لٽڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، مافايا پلاٽنگ ڪرڻ لاءِ سم نالي جي هنڌ گٽر نالي جيترو سم نالو بڻائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي مختلف مافيائن سمن نالو لٽي پنهنجا دڪان ٺهرائڻ ۾ تيزي ڪري ڇڏي آهي. لنڊ ڊرين تي ٿيندڙ قبضي ۾ آبپاشي ۽ ڊرينيج عملدار ڀاڱي ڀائيوار آهن. جڏهن ته شهري قبضا مافيا سگهارا هئڻ ڪري بيوس ٿي ويا آهن. شهر جي ڊرينيج ۾ گهڻو ڪري برساتن دوران استعمال ٿيندڙ ڪڍڻ لنڪ ڊرين کي ترت فعال نه ڪيو ويو ته آبڪلاڻي ۾ شهر مڪمل طور ٻڏڻ جي خطري ۾ هوندو. هن صورتحال مان خبر پوي ٿي ته ڪڍڻ واري پاسي ڪهڙي ريت قدرتي لنگهه کي روڪي آبڪلاڻيءَ جي مند ۾ تباهيءَ کي دعوت ڏني پئي وڃي. سمن نالن کي ان ڪري کوٽيو ويو آهي ته جيئن اتان کان برساتن ۽ ٻوڏن جو پاڻي گذري سگهي پر هتي انهن ئي لنگهن کي لٽڻ جو عمل جاري آهي. ڇا ان سان سڄو ڪڍڻ شهر ۽ ڀرپاسي جا علائقا متاثر ڪونه ٿيندا. جڏهن ته ان سڄي عمل ۾ آبپاسي کاتي کي ملوث ڄاڻايو پيو وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ قبضا مافيا کي ٻنجو ڏيڻ جي ضرورت آهي. پر ان کان اڳ ۾ آبپاشي کاتي ۽ انهن ادارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي پاڻ قبضو ڪرائڻ ۾ ملوث لڳا پيا آهن. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه آهي ته ڪڍڻ سوڌو سڄي سنڌ ۾ جتي به پاڻيءَ جي قدرتي ۽ هٿرادو لنگهن تي قبضا ٿي رهيا آهن، انهن جو خاتمو ڪيو وڃي ته جيئن وري سنڌ جا ماڻهو دربدر نه ٿين ۽ نه ئي سنڌ ٻوڏ جهڙي تباهيءَ کي منهن ڏئي. سنڌ حڪومت ۽ اينٽي انڪروچمينٽ کاتي کي ان پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ قبضا مافيا کان ڪڍڻ شهر کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button