ترڪي پنهنجي آزاديءَ جو ڏينهن 29 آڪٽوبر تي ملهائيندو آهي. 1923ع تي هن ملڪ جو نالو ترڪيه جمهوريت رکيو ويو. چئن سالن جي جنگ آزاديءَ کان پوءِ ترڪيءَ ۾ سلطان ۽ خليفي جي حڪومت کي ختم ڪري کين جلاوطن ڪيو ويو ۽ ان ڏينهن تي مصطفيٰ اتاترڪ پاشا کي سرڪاري طور ترڪيءَ جو پهريون صدر قرار ڏنو ويو. اهو ڏينهن هو جنهن تي جمهوري نظام قائم ٿيو. ان کان اڳ استنبول ۾ سلطنت عثمانيه جي حڪومت هئي ۽ مصطفيٰ ڪمال جي حڪومت انقره ۾ هئي. وزيراعظم طور مصطفيٰ ڪمال پاشا اتاترڪ پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيو هو پر ان ڏينهن تي کيس ترڪيءَ جو صدر مقرر ڪيو ويو. هاڻ آئين کي 100 سال پورا ٿي ويا آهن، تنهنڪري 100هون ريپبلڪ ڊي ملهايو ويو.
جيئن ئي 29 آڪٽوبر اچڻ وارو هوندو آهي ته هر طرف گهٽيون، رستا سينگارجي ويندا آهن. هر جڳهه تي ترڪيءَ جو ترانو، ڪمال اتاترڪ جا فوٽو، جهنڊيون نظر اينديون آهن. مون هتي اهو سڀ ڪجهه 25 تاريخ کان ڏٺو. بئنڪ، دڪان، مال سڀني جاين تي ڦوڪڻا، جهنڊيون ۽ پوسٽر لڳڻ شروع ٿي ويا. ايتري قدر جو ڪجهه ميٽرو ٽرينن ۾ به آزاديءَ جا ترانا وڄن ٿا. اِن کانسواءِ تقسيم اسڪوائر ۽ ٻين الاهي سارين جاين تي مختلف پروگرام ۽ ڪنسرٽ ڪيا ويا. رات ٻارهين بجي آتشبازي شروع ٿي وئي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ تمام گهڻا ماڻهو ٻارهين وڳي کان اڳ ئي اُتي پهتل هئا.
گهڻين جاين تي اهي پنهنجو ثقافتي رقص به پيش ڪندا آهن جنهن ۾ ڪجهه ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏجي جهومر هڻندا آهن. هن ڀيري اِهي رقص شيیرين اولار ۽ ٻين جاين تي به ٿيا. ڪافي جاين تي ڪلچرل شوز به ٿيا. اِن کانسواءِ تقسيم اسڪوائر جيڪو استنبول جو هڪ اهم علائقو يا وري استنبول جو مينار پاڪستان به چئي سگهون ٿا. اِهو حد کان وڌيڪ سينگاريل هوندو آهي، هر طرف ڳاڙها جهنڊا اتاترڪ جي مجسمي جي اڳيان گل ۽ بهترين قسمن جا بوڪي رکيل هوندا آهن. ڪجهه نوجوان نعرا هڻي رهيا هئا. مٿي تي جهنڊا ٻڌي آزاديءَ جو پرزور طريقي سان جشن ملهائي رهيا هئا. وڏي ڳالهه اِها ته اِن ڏينهن سڄي ترڪيءَ ۾ خوشيءَ جي لهر چئني پاسن هوندي آهي ۽ ٽرانسپورٽ سڀني لاءِ مفت هوندي آهي. مقامي ماڻهو هجن يا پرڏيهي، سڀني لاءِ اڄ جي ڏينهن ٽرانسپورٽ مفت هوندي آهي. هن ڏينهن هر سال کان وڌيڪ ماڻهو انت ڪبير (اتاترڪ جي مزار) جو دورو ڪندا آهن. پريڊ اڪثر صبح جو ڪئي ويندي آهي.
29 آڪٽوبر کي ترڪي ٻوليءَ ۾ (Yirmi Dokuz Ekim) چيو ويندو آهي. گهڻا ماڻهو هن ڏينهن کي 29 آڪٽوبر يا وري جمهوري ترڪي به سڏيندا آهن. هن ڏينهن ڪمال اتاترڪ هڪ تقرير ڪئي هئي، جنهن کي ڏهين سال جي تقرير به چوندا آهن. اِها هڪ اهڙي تقرير هئي جيڪا نه صرف ترڪيءَ جي جنگ آزاديءَ کي بيان ڪري ٿي پر ٻين لفظن ۾ اِهو به ٻڌائي ٿي ته اِهو سڀ ڪجهه ڪنهن ڪيو، ڪيئن ۽ ڪهڙي حساب سان قومي جدوجهد ڪئي وئي.
اهو ڏينهن ترڪن لاءِ ايترو ضروري ڇو آهي؟
اِن ڪري جو اِن ڏينهن شريعت ۽ خلافت کي استنبول مان بي دخل ڪيو ويو. هن ڏينهن سيڪيولر نظام آندو ويو. دنيا کي ترڪي هڪ سيڪيولر ملڪ نظر آيو ۽ اِن سيڪيولر ملڪ جو باني اتاترڪ هو. هن 25 نومبر 1925ع تي HAT LAW آندو. عورتن جي پردي تي پابندي لڳائي وئي، ايتري قدر جو اسڪارف پائڻ کان منع ڪري ڇڏيو. اسڪول، ڪاليجن ۽ يونيورسٽيءَ ۾ اسڪارف تي پابندي لاڳو ڪئي وئي، مرد توڙي عورتن کي همٿايو ويو ته اوهان يورپي لباس پهريو.
پهريون ترڪش ڪئلينڊر جيڪو عربيءَ ۾ هو، اِن جو عربي ۽ فارسي رسم الخط ختم ڪري جارجين ڪئلينڊر آندو ويو، هجري ڪئلينڊر ختم ڪيو ويو. اِن کانسواءِ 17 فيبروري 1926 تي اِهو قانون پاس ڪيو ويو ته وڏي انگ ۾ زالون نه رکن. پهرين هڪٻئي کي سمجهجي پوءِ شادي ڪجي ۽ اڄ تائين اهو قانون آهي ته اوهان هتي ٻي شادي ڪري سگهو ٿا پر قانوني طور اوهان هڪ شادي لاءِ اهل آهيو، پوءِ چاهي اوهان ڪهڙي به ملڪ سان واسطو رکندڙ ڇو نه هجو.
3 نومبر 1928ع تي تڪي لپي لاطيني مان آندي وئي. اڄ انهن جو رسم الخط ناهي، رومن اکرن وانگر انهن جا لفظ لکيا ۽ پڙهيا ويندا آهن. 26 مارچ 1931ع ۾ ماپ ۽ طور جو نئون طريقو رکيو ويو. ميٽر ۽ ڪلوميٽر جيڪو ڏهائي نظام لاءِ بهتر هئا، انهن کي آندو ويو. 21 جون 1934ع ۾ آئين جو نالو رکيو ويو، مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ نالو گرينڊ نيشنل اسيمبليءَ کي ڏنو. 11 ڊسمبر تي عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏنو ويو، جڏهن ته عورتون پهرين ان کان محروم هيون. (هلندڙ)