اسرائيل ۽ حماس ۾ قيدين ۽ يرغمالين جي مٽا سٽا پوئين مرحلي ۾ آهي. هن مهل تائين حماس اسرائيل جا کنڀيل 54 يرغمالي آزاد ڪري چڪي آهي. جڏهن ته ان جي موٽ ۾ اسرائيل 150 قيد فلسطينين کي آزاد ڪيو آهي. ان سان گڏ حماس جو اهو مطالبو به مڃيو ويو آهي ته اسرائيل غزا ۾ امداد آڻيندڙ ٽرڪن جو رستو نه روڪي. هن وقت سڀ کان اهم سوال آهي ته ڇا اسرائيل عارضي جنگ کان پوءِ غزا مٿان بمن جي برسات جاري رکندو؟ ڇو ته گذريل ڏينهن يعني سومر معاهدي مطابق جنگ بنديءَ جو پويون ڏينهن هو. جڏهن ته ان کان پوءِ غزا مٿان ڪو وڏو ۽ غيرمعمولي حملو نه ٿيو آهي. جڏهن ته اسرائيلي حملن جو رخ هن مهل اوڀر جي ان پٽيءَ طرف آهي، جتي حماس مضبوط ۽ مستحڪم صورت ۾ موجود ناهي. اولهندي پٽي وارن ته اسرائيل طرف ڪو پٿر به نه اڇلايو هو. پوءِ انهن کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ملي رهي آهي؟ ان سلسلي ۾ اسرائيل ۽ هن جا اتحادي توڙي حامي ڪجهه چوڻ کان قاصر آهن.
اسرائيل هڪ اهڙو عقاب آهي، جيڪو پنهنجو لهو گرم رکڻ لاءِ فلسطين جي ماڻهن سان موت جي راند کيڏندو رهندو آهي. ان سلسلي ۾ ڪنهن به دليل ۽ ڪنهن ضرورت جو ڪو عمل دخل پيش ڪرڻ جي زحمت ته اسرائيل سکيو ئي ناهي. اسرائيلي حڪومت ۽ رياست جي اهم ترين ڪارندن ماضيءَ ۾ اهڙا بيان به جاري ڪيا آهن، جن موجب انهن جي نظر ۾ انسان ته آهن ئي ڪو نه! ان ڪري انهن جي انساني حقن جي ڳالهه ٻڌي اسرائيل جا اڪثر صيهوني اڳواڻ آپي مان نڪري ويندا آهن. اهڙو حال انهن جي حامين جو به آهي. تازو آمريڪا ۾ هڪ ذميوار شخص کي صرف بيان سبب گرفتار ڪيو ويو جو هو فلسطين جي ٻارن جي قتلام کي ڪا وڏي شيءِ سمجهڻ کان انڪاري هو. هن صاف لفظن ۾ چيو ته جيڪڏهن هزارين فلسطيني ٻار بمباريءَ سبب موت جي آغوش حوالي ٿي ويا آهن ته پوءِ ڇا ٿي پيو؟ اهو اسرائيل جنهن صابره ۽ شتيلا نالي ڪيپمن مٿان بم وسائي قتلام ڪيو هو ۽ هن اڄ ڏينهن تائين اهڙي عمل تي افسوس جو اظهار به نه ڪيو آهي ۽ نه وري ان باري ۾دنيا ڪڏهن اسرائيل جو گريبان پڪڙيو آهي ته پوءِ اسرائيل اهڙيون ارهه زورايون ڇو نه ڪندو؟ هيءَ دنيا خوف ۽ مفاد جي بنياد تي هلندي رهي آهي ۽ هن ڀيري ته ان عمل ۾ گهڻي شدت اچي ئي آهي، اهڙي صورتحال دنيا کي اهو محسوس نه ٿو ٿئي ته انهن کي پنهنجي ضمير جي ڳالهه ٻڌي اهو عمل ڪرڻو پوندو، جيڪو هڪ نئين تاريخ رقم ڪري. يورپ ۽ خاص طور تي آمريڪا جهڙا ملڪ ته اسرائيل کي پنهنجي سفيد رنگ واري وجود جو حصو سمجهن ٿا. جيتوڻيڪ يهودين ۽ عيسائين جي پاڻ جيڪا جنگجو تاريخ رهي آهي، ان تي به ڪو پردو پيل ناهي. پر اهو وقت گذري ويو. هاڻي ته ٻه جسم ۽ هڪ جان وانگر هلن ٿا. پر حيرت اها آهي ته هن ڀيري مسلمان ملڪن جهڙي ريت اسرائيل کي عملي طور دٻاءُ ۾ نه آندو آهي ته ان حوالي سان اهڙيون اسٽوريز تحرير ٿيون آهن ۽ اڃان به ٿي رهيون آهن، جن جو بنيادي سوال اهو آهي ته آخر اسرائيل جي خوني چنبي ۾ ڦاٿل فلسطين کي ان وچ اوڀر جي ڪاسائيءَ جي حوالي ڇو ڪيو ويو آهي؟
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ايران اهو واحد اسلامي ملڪ آهي، جنهن پير کوڙي ۽ پاڻ مٿان پئي سگهندڙ نقصان جي پرواهه نه ڪندي، فلسطين جي نه صرف لفظي پر عملي طور به مدد ڪئي آهي. پر اهو ڪهڪاءُ نه ته ان ترڪيءَ کي رهيو آهي، جيڪا اسلامي دنيا جي تاريخ ۾ سلطنت رهي آهي. وڏي ڳالهه ته جن ملڪن جو اڪثريتي مذهب به ساڳيو آهي ۽ انهن جي ٻوليءَ ۾ به ڪو تفاوت ڪونهي ۽ وڏي ڳالهه ته تاريخ ۽ ڪلچر جي حوالي سان هو هڪ قوم رهيا آهن پر اڄ جڏهن گهڻن ملڪن ۾ تبديل ٿي ويا آهن ته انهن به فلسطين جي عوام جي ان ريت مدد نه ڪئي آهي، جنهن ريت هتي نه پر ست سمنڊ پار وارن ٽن ملڪن فلسطين جي ماڻهن جو قتل عام ڏسي اسرائيل سان پنهنجا سفارتي ناتا به ٽوڙي ڇڏيا آهن. ڇا اهڙو عمل مصر ڪيو آهي؟ قطر ۽ يو اي اي به اهڙي عمل جو عارضي اظهار ڪرڻ جي به ضرورت محسوس نه ڪئي. ان مان ڇا ثابت ٿئي ٿو؟ ان مان صرف ۽ صرف اهو ثابت ٿي رهيو آهي ته يورپ جي مهذب ملڪن مان وٺي اسان جي ڪلمي گو مسلمان ڀائرن ۾ به ضمير جو مقدار گهٽجي رهيو آهي، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ انهن ملڪ اندر پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ جو جنون ايتري شدت سان جاڳيو آهي جو هو هاڻي ان سلسلي ۾ ڪجهه به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن. ممڪن آهي ته حماس پاران اسرائيل خلاف شروع ڪيل “آپريشن طوفان اقصيٰ” عالمي ضمير کي جاڳائڻ جي ڪوشش هجي؟ دنيا اهڙي عمل جي نتيجي ۾ ڪيترو جاڳي آهي؟ اها صورتحال به اسان جي سامهون آهي. اسان کي صاف نظر اچي رهيو آهي ته اسرائيل کي هن مهل تائين ايران کان سواءِ ڪنهن به ملڪ سخت تنبيهه ڏيڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي. جڏهن ته اهو ضروري آهي ۽ ان کان سواءِ فلسطين جي ماڻهن کي انصاف ملندو به نه!
ضمير جي زوال سبب انصاف جي مٿان به منفي حوالي سان تمام گهڻو اثر پيو آهي. دنيا ان انصاف لاءِ تاريخ ۾ سدائين پتوڙيو آهي، جنهن انصاف کان پوءِ امن يقيني بڻجي ويندو. پر هن وقت وڪيل به وڌيا آهن ۽ ڪورٽن جي انگ ۾ به تمام گهڻو اضافو آهي پر ان جي باوجود اسان کي انصاف جو وجود پاڻيءَ ۾ برف جي ٽڪري جيان نظر اچي رهيو آهي.
هن وقت غزا هڪ غمگين شهر سان گڏ هڪ اهڙي ليبارٽريءَ به بڻجي وئي آهي، جيڪا قومن، ملڪن ۽ ماڻهن جي ضميري زوال جو مقدار بيان ڪري رهي آهي. جهڙي طرح احمد فراز جو هڪ شعر آهي:
“تم هوئي، تم هوئي ڪه مير هوئي
سب اس ڪي زلف ڪي اسير هوئي”
اسان جا اسلامي توڙي غير اسلامي ملڪ مفادن جي زلفن جا قيدي بڻجي ويا آهن. ڪنهن شاعر چيو آ:
“قيد مين هي، تيري وحشي ڪو وهي زلف ڪي ياد”
دنيا جا ملڪ ته مفادن جي گهيري ۾ بيوس بڻجي ويا آهن ۽ جهڙي ريت هڪ هارايل جنرل دشمن فوج جي سربراهه آڏو پنهنجو هٿيار رکندو آهي، تهڙي ريت هن وقت ملڪن جا حڪمران ته مفادن جي سونن زلفن جا اسير آهن پر خوشگوار حيرت جي حد تائين انهن سمجهوتي باز ملڪن جو عوام ڀرپور انداز سان سرڪش مظاهرا ڪري رهيا آهن، اهو اميد جو ڪرڻو اسلامي دنيا کان وڌيڪ اولهه جي ملڪن ۽ خاص طور تي نيويارڪ ۽ لنڊن ۾ ڀرپور انداز سان نظر اچي رهيو آهي. جيڪڏهن اسرائيل حماس سان عارضي جنگ بنديءَ تي راضي ٿيو هو ته ان مٿان آمريڪا، قطر ۽ مصر جو دٻاءٌ گهٽ ۽ پوري دنيا ۾ ٿيندڙ احتجاجن جو اثر وڌيڪ هو. هن وقت به غزا کي وڌيڪ موتمار حملن کان بچائڻ جي واحد اميد دنيا جو باشعور ۽ انساني احساسن سان ڇلڪندڙ اهو عوام آهي، جيڪو هڪ مجبور ۽ مظلوم شهر کي وڌيڪ هن وقت مقتل جي صورت ۾ ڏسڻ لاءِ تيار ناهي.
هن وقت غزا ۾ ريسڪيو ڪندڙ گڏيل قومن ۽ مختلف ملڪن سان واسطو رکندڙ ڊاڪٽر ۽ مددگار ٽيمون موجود آهن ۽ انهن جي هوندي اسرائيل انڌاڌنڌ ڪارروايون ڪرڻ کان پاسو ڪندو ۽ فلسطين جي حصي جو ڪڍيل بارود هو تيستائين اولهندي پٽي (West Bank) مٿان پلٽيندو پر هن جي ارادن ۽ ماضيءَ وارن طريقه وارداتن مان اها ڳالهه عيان آهي ته هو غزا کي ڇڏي نه ڏيندو. گذريل ڇهن هفتن دوران ته هن غزا مٿان ڪارپيٽ بمباري پئي ڪئي پر هاڻي ممڪن آهي ته هو غزا ۾ چونڊ نشانا چٽي. اهو عمل ته اڳ به ڪندو رهيو آهي پر هن ڀيري هن جي سرجيڪل اسٽرائيڪس ۾ تمام گهڻو اضافو هوندو. ان جو مطلب ته غزا مٿان موت جو ڀيانڪ پاڇو نه هٽندو. ان لاءِ ضروري آهي ته حڪومتن جي زوالي ضمير کي ڏسندي، عالمي سطح تي عوام احتجاج جي طاقت سان فلسطين جي معصومن جو تحفظ ڪري. عالم جو عوام غزا جو آخري سهارو آهي.