انفرادي آزادي اهو تصور آهي، جنهن ۾ ڪنهن فرد کي اختيار حاصل ڪرڻ جو حق آهي ته هو ڪنهن ٻاهرين مداخلت کان سواءِ پنهنجا مفاد حاصل ڪري، اها آزادي انساني زندگيءَ جي مختلف پهلوئن تي آڌاريل آهي. جن ۾ سوچ، اظهار، عقيدا ۽ ذاتي لاڳاپا شامل آهن.
انفرادي آزادي يا فرد جي آزاديءَ جي اهميت، فلسفي، اخلاقي ۽ سياسي نقطه نظر کان بنهه گهڻي اهم آهي. فرد جي آزادي، ذاتي ترقيءَ لاءِ جاءِ فراهم ڪري ٿي. اها آزادي انسانن کي پنهنجي ذات ڳولڻ، ذاتي تجربن جي بنياد تي چونڊ ڪرڻ ۽ سکڻ جي طريقن کي ڳولڻ لاءِ اهم آهي.
ڪو اهڙو سماج جيڪو فرد جي آزاديءَ کي اهميت ڏئي ٿو، اهو اصل ۾ تخليق، نواڻ ۽ جدت کي هٿي ڏئي ٿو. جڏهن ماڻهو آزاديءَ سان سوچيندا آهن ۽ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندا آهن ته نئين علم، فن ۽ ٽيڪنالاجيءَ جا دروازا کلندا آهن. اهو عمل ڪنهن جبر ۽ دٻاءُ کان سواءِ مجموعي طور سماج کي فائدو پهچائيندو آهن، پنهنجي مفرد سڃاڻپ جو اظهار به فرد جي آزاديءَ سان منسوب ڪندو آهي. جمهوري سماجن ۾ فرد جي آزادي بنيادي حيثيت رکي ٿي، شهرين کي سياسي عمل ۾ حصو وٺڻ، پنهنجن خيالن جو اظهار ڪرڻ ۽ اڳواڻن جو احتساب ڪرڻ جو حق آهي. انفرادي آزادي احترام ۽ رواداريءَ لاءِ پڻ اهم آهي. انفرادي آزاديءَ جو تعلق نفسياتي صحت سان پڻ آهي. فرد جي آزادي پنهنجي زندگيءَ تي مڪمل ڪنٽرول ۽ مڪمل ٿيڻ جو احساس، پسند جي زندگي گذارڻ جي صلاحيت ۾ مدد ڏئي ٿي. ان جي ابتڙ انفرادي آزاديءَ جي کوٽ سبب مايوسي، لاچاري ۽ عدم اطمينان جا جذبا پيدا ٿين ٿا. خاص طور نوجوانن کي سوال پڇڻ جي آزادي نه هجڻ ڪري پنهنجي مرضيءَ جي سڃاڻپ موجب زندگي نه گذارڻ ڪري ڊپريشن ۽ مايوسي ٿئي ٿي ۽ اهي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا.
فرد جي آزادي انصاف جي اصولن لاءِ پڻ لازمي آهي. انفرادي آزاديءَ تي پابندي اصل ۾ ناانصافي آهي. اسين پنهنجي ڀرپاسي نظر ڦيرايون ته تقريبن هر فرد مايوسي ۽ ڊپريشن ۾ نظر ايندو آهي. سبب ڳولڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته خبر پوندي ته انسان جي ذاتي آزاديءَ کي دٻايو پيو وڃي. انهن سماجن ۾ جن ۾ جاگيرداراڻي ڍانچي جي باقيات موجود هوندي آهي. اقتدار ڪجهه بااثر خاندانن جي هٿن ۾ مرڪوز هجي، طاقت جو ڪجهه خاندانن جي هٿن ۾ هجڻ حقيقي جمهوريت جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي. اهڙن نظامن ۾ سياسي فيصلا فرد جي صلاحيت بدران خانداني لاڳاپن وسيلي ڪيا ويندا آهن. اهو نظام برابريءَ جي اصول کان وانجهيل آهي ۽ اڻبرابريءَ کي همٿائي ٿو. سياسي اقتدار ميرٽ يا عوام جي مرضي بدران وراثت بڻجي وڃي ٿو.
روايتي خانداني سرشتي ۾ پدرشاهي رسمون پڻ فرد جي آزادي ۽ حقيقي جمهوريت جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. جنهن ۾ فيصلي سازي ۽ مرڪزي حيثيت ۾ رڳو هڪ ماڻهو هجي، اتي عورتون ۽ ٻين فردن جي انفرادي آزادي متاثر ٿئي ٿي. خانداني لاڳاپا وڏي پئماني تي سياسي چونڊ تي اثرانداز ٿين ٿا. جن جي نتيجي ۾ خاندانن ۾ خاص سوچ ۽ سياسي لاڳاپن کي برقرار رکندا اچن. اهو نه فقط انفرادي آزاديءَ کي روڪي ٿو پر هڪ ترقي يافته جمهوري سماج لاءِ ضروري خيالن جي مٽاسٽاءُ کي به روڪي ٿو. اهڙا سماج جتي پسند جي شادي ڪرڻ کي عيب سمجهيو وڃي ۽ ارينج مئرج عام هجي، اتي ڪيئن ڪو ماڻهو انفرادي آزاديءَ مان مزو ماڻي سگهي ٿو. پسند جي ساٿيءَ سان شادي نه ڪرڻ ۽ ڪنهن کي پسند جو حق نه هجڻ، نفسياتي مونجهارن گڏ جمهوريت ۽ فرد جي آزاديءَ لاءِ پڻ مسئلا پيدا ڪن ٿا.
هڪجهڙائيءَ جو دٻاءُ پڻ فرد جي آزاديءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. جيئن ڪنهن رويي يا طرز زندگي يا ڪيريئر جي چونڊ. جيڪڏهن ڪو انهن سماجي روين ۽ ريتن رسمن کان انڪار ڪري به ٿو ته هو سماجي بدنامي يا سماجي اثرن جي خوف ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو. انفرادي آزاديءَ جي ٿيندڙ لتاڙ روزاني جي بنياد تي اخبارن ۽ ٽي وي چينلن تي ڏسي ٻڌي رهيا آهيون. اها ڪا مستقل ناهيم ڪيترائي سماج ترقي ڪري چڪا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پنهنجي ڪلچر تي غور ڪريون ۽ سوال ڪريون ۽ سسٽم جي تشريح نئين سر ڪريون. انساني آزادي، احترام واري ڪلچر ذريعي انفرادي حقن ۽ انفرادي آزاديءَ کي حاصل ڪري سگهجي ٿو.
ان لاءِ روايتي ڍانچي کي چئلينج ڪرڻو پوندو. صنفي برابريءَ جي حمايت ڪرڻي پوندي، فرد جي خودمختياريءَ جي حمايت ڪرڻي پوندي. پنهنجن وڏن جي ڏنل دليلن ۽ قائم ڪيل سماج کان پڇاڻو ڪرڻو پوندو ته سندن نظام ۾ فرد جي آزادي ڪٿي آهي. جيڪڏهن اهو سماج انسانن لاءِ ٺهيل آهي ته ۾ اوليت به فرد کي هجڻ گهرجي.