ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نواز ليگ جي پراڻن سياسي کيڏارين ڏانهن واپسي

Article- Akhtar Hafeez

نواز ليگ جون سياسي سرگرميون ان ڳالهه جو پتو ڏئي رهيون آهن ته پارٽيءَ جا معاملا اصل ڌڻين سان طئي ٿي ويا آهن، هاڻي رڳو رسمي طور چونڊون ٿيڻيون آهن ۽ پوءِ انهن جي نتيجن جو اعلان ٿيڻو آهي. هن وقت نواز ليگ نه رڳو پنهنجي چونڊ مهم لاءِ اليڪٽيبلز ڳولي رهي آهي پر اها هر ان پارٽيءَ سان هٿ ملائڻ لاءِ تيار آهي، جنهن کي ماضي ۾ هو اسٽيبلشمينٽ جي ساٿاري يا ان جي پيداوار سڏيندي رهي آهي. بلوچستان ۾ نواز ليگ باپ پارٽيءَ جي چونڊ ڪئي آهي. هي اها ئي پارٽي آهي جنهن کي اڳوڻي جنرل عاصم باجوا جنم ڏنو ۽ اتي نواز ليگ جي قائم حڪومت ڪيرائي وئي. بلوچستان ۾ سدائين ڪو اهڙو سيٽ اپ ضرور آندو ويندو آهي، جنهن جون واڳو سڌي ريت اسٽيبلشمينٽ جي هٿن ۾ هونديون آهن. هاڻ جڏهن نواز ليگ باپ پارٽيءَ سان ٺاهه ڪري ورتو آهي ۽ ماضي جا سياسي اختلاف به ختم ٿي ويا پر نواز شريف کي اهو ضرور ياد رکڻ گهرجي ته اها پارٽي پنهنجي باپ جي سرپرستيءَ ۾ ڪم ڪندي رهندي، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ ڪابه اهڙي سياسي پارٽيءَ ڪونهي، جيڪا آزاديءَ سان ڪم ڪري سگهي يا جنهن ۾ آزاديءَ سان ڪم ڪرڻ جي همت هجي.
پيپلز پارٽيءَ جيئن ته اڳ ئي اها شڪايت ڪري چڪي آهي ته کيس برابريءَ جي بنياد تي موقعو فراهم ڪونه پيو ڪيو وڃي ۽ ان کان سواءِ تازو بلاول ڀٽي زرداريءَ جو اوچتو دبئي هليو وڃڻ به ڪئين سوالن کي جنم ڏئي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته بلاول ڀٽُو ان خيال آهي ته نوجوان قيادت کي اڳيان آندو وڃي. جنهن مان سندس اڻ سڌي ريت اهو اشارو به آهي ته هو نواز شريف جي وزير اعظم ٿيڻ جي حق ۾ ڪونهي ۽ نه ئي پارٽيءَ ۾ انهن پوڙهن کي جاءِ ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جيڪي ڏهاڪن کان پارٽيءَ ۾مختلف عهدن تي موجود آهن ۽ چونڊون ٿيڻ کان پوءِ اهي مختلف وزارتون ماڻيندا رهندا آهن. پر سوال وري به اهو آهي ته پيپلز پارٽي هجي يا نواز ليگ هجي. انهن ٻنهي پارٽين اهو طئي ڪري ڇڏيو آهي ته اليڪٽيبلز وسيلي ئي سياست ڪرڻي آهي، چونڊون وڙهڻيون آهن ۽ ميدان مارڻو آهي. نواز ليگ پي ٽي آءِ جي جن ماڻهن سان ڪنهن به قسم جو ڪو ٺاهه ڪرڻ يا کين پنهنجي پارٽيءَ ۾ واپس آڻڻ لاءِ تيار ڪونه هئي، هن وقت اها نه رڳو انهن کي پنهنجي پارٽيءَ ۾ شامل ڪري رهي آهي پر کين ٽڪيٽون به ڏيندي ته جيئن اهي چونڊ وڙهي سگهن.
پاڪستان جي سياست ۾ ڪنهن سياسي اڳواڻ جو ڪنهن ٻي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ هڪ ته ذاتي مفادن جي بنياد تي هوندو آهي ۽ ٻيو اسٽيبلشمينٽ جي اشاري تي هوندو آهي. جنهنڪري ڪيترائي سياسي اڳواڻ پارٽيون مٽائيندا ۽ پوءِ ان جي ساراهه ۾ ڍڪ ڀريندي نظر ايندا آهن. ڪنهن زماني ۾ فردوس عاشق اعواڻ پيپلز پارٽي جون واکاڻون ڪندي ڪونه ٿڪندي هئي، پوءِ جڏهن کيس پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪرايو ويو ته هوءَ عمران خان نيازيءَ جا گڻ ڳائڻ لڳي. هاڻ هوءَ استحڪام پاڪستان پارٽيءَ ۾ شامل ٿي چڪي آهي. هاڻ کيس سياسي طور نا اهل ٿيل جهانگير ترين بهترين سياستدان لڳي رهيو آهي. سو پارٽي ۽ سياسي قائد مٽائڻ جي روايت اسان وٽ ڏهاڪن کان هلندي پئي اچي. جيئن ته سياسي پارٽيون پاڻ به اسٽيبلشمينٽ جو آشيرواد حاصل ڪري اقتدار ۾ اينديون رهيون آهن ۽ اچڻ به چاهين ٿيون. تنهنڪري اهو ممڪن ئي ڪونهي ته اهي ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار به ڪري سگهن يا وري آزاديءَ سان چونڊ وڙهي ان ۾ سوڀاريون ٿي ڏيکارين.
اهو طئي آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ نواز ليگ حڪومت ٺاهڻ جيتريون سيٽون کٽي ويندي ۽ وفاق ۾ اها حڪومت ٺاهي ويندي. پنجاب ۾ به اها حڪومت ٺاهي ويندي. باقي ٻين صوبن جا معاملا الڳ آهن. پر اها حڪومت اهڙي ئي هوندي جهڙي پي ٽي آءِ جي حڪومت هئي. فرق رڳو اهو هوندو جو نواز ليگ وٽ ٽيم ڪجهه بهتر آهي. جيترو اختيار هڪ وزير اعظم کي هن ملڪ ۾ مليل آهي، ان کي استعمال ڪندي جيترو وقت نواز ليگ ڪڍي سگهي ٿي، اهو ڪڍي ويندي. ڇاڪاڻ ته جڏهن به نيون چونڊون ٿي وينديون آهن ۽ حڪومت سازي جو عمل پورو ٿي ويندو آهي ته سڀ کان وڏو بحث اهو هوندو آهي ته حڪومت وڃي پئي.
اليڪٽيبلز جي سياست ۾ وڌ کان وڌ سمجهوتا ڪيا ويندا آهن، جنهنڪري ڪا به حڪومت آزاديءَ سان انتظام نه هلائي سگهندي آهي. نواز ليگ جنهن سياسي روايتن خلاف هئي، اڄ انهن روايتن کي پنهنجائيندي اها سياسي ميدان ۾ لٿل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button