ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پي ٽي آءِ جي سياست جو انداز

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

جيتوڻيڪ سائفر ڪيس ۾ عمران خان نيازي ۽ شاهه محمود قريشيءَ جون ضمانتون ٿي ويون آهن پر تنهن هوندي به پي ٽي آءِ لاءِ اڃا تائين معاملا ايترا سولا ڪونه آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ کان سندس چونڊ نشان بيٽ کسيو ويو آهي. جڏهن ته ان چونڊ نشان لاءِ عمران خان نيازي وڏي ڪوشش ڪئي هئي ته پارٽي بيٽ جي نشان تي چونڊ وڙهي ۽ پوءِ جڏهن 2018ع واريون چونڊون ٿيون هيون ته ان وقت کيس اهو نشان ئي ڏنو ويو هو، جنهن تي پي ٽي آءِ چونڊون وڙهيون هيون. کڻي جو اهي چونڊون تڪراري هيون ۽ رڳو عمران خان نيازيءَ کي کٽائڻ لاءِ سڄو ماحول جوڙيو ويو هو پر تنهن هوندي به پارٽين زهر جو ڍڪ پي چونڊ نتيجن کي قبول ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ عمران خان نيازي وزير اعظم ٿي ويو. ان کان پوءِ ڇا ٿيو، اهو پاڪستان جي سياسي تاريخ جو اهم ترين حصو آهي، جنهن کي سدائين ياد رکيو ويندو.
عمران خان نيازيءَ تي رڳو سائفر ڪيس ڪونهي پر هن تي اهم ترين ڪيس 9 مئي وارو آهي، جيڪو سائفر واري ڪيس کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. سوال اهو آهي ته پي ٽي آءِ ڪهڙي چونڊ نشان تي چونڊ وڙهندي يا سندس نشان اپيل کان پوءِ بحال ڪيو ويندو. پر مسئلو رڳو نشان جو ڪونهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ جو چونڊ نشان بيٽ بحال به ٿي وڃي ٿو ته ان جي ڪا ضمانت ڪونهي ته اها هڪ ڀيرو وري چونڊن ۾ پاڻ ملهائي سگهندي، ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ لاءِ هن وقت جتي سياسي ماحول خراب ٿي چڪو آهي، اتي اسٽيبلشمينٽ جون سموريون همدرديون به ختم ٿي چڪيون آهن. تازو عدالت کيس سائفر ڪيس ۾ وڏو رليف ڏئي ڇڏيو آهي. جنهن کان پوءِ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن توڙي رهجي ويل ڪارڪنن جو اعتماد ضرور وڌيو هوندو. پي ٽي آءِ جهڙي ريت پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻي پنهنجي لاءِ مصيبتون پيدا ڪيون آهن، ان کان پوءِ ان جو ازالو بنهه ڏکيو ٿي ويو آهي.
پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪنهن پارٽيءَ کي سياست ڪرڻي آهي ته پهرين اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهي هلڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته هن ملڪ جي سڀ کان وڏي اسٽيڪ هولڊر اسٽيبلشمينٽ ئي آهي، جنهن جي مرضيءَ کان سواءِ ڪو به سياستدان اقتدار نٿو ماڻي سگهي. ڇاڪاڻ ته هيستائين سياسي پارٽيون ۽ جمهوري ادارا ايترا مضبوط ڪونه ٿي سگهيا آهن، جو اهي پنهنجي پر ۾ ڪي اهڙا فيصلا ڪري سگهن، جيڪي ڀلي ملڪ جي مفاد ڇو نه هجن. عمران خان نيازي جنهن ڏينهن کان اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪرايو ته هن جي خلاف ڪات ڪهاڙا کڄي ويا. جيتوڻيڪ هو ڪنهن عوامي مفادن خاطر ڪونه ٽڪرايو هو پر هن جا ڪي پنهنجي ئي مقصد هئا، جيڪي هن پورا ڪرڻ ٿي چاهيا پر تنهن هوندي به اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءُ ۾ اچڻ اسٽيبلشمينٽ لاءِ سٺو نه هو. ائين ئي ماضي ۾ نواز شريف به ڪندو رهيو آهي، جنهن جي نا اهلي کان وٺي ملڪيتن تي ضبط ٿيڻ ۽ جيل ياترا تائين جا سڀ منظر اسان کي ڏسڻا پيا هئا. تنهنڪري پي ٽي آءِ جي اڳوڻي سربراهه عمران خان نيازيءَ کي سمجهڻو پوندو ته سياست ۾ ضد نه پر ساڃاهه هلندي آهي، جيڪا هڪ ماڻهو کي بالغ سياستدان بڻائيندي آهي.
عمران خان نيازي هن وقت جيل ۾ آهي، ڪنهن به سياستدان جو جيل ۾ وڃڻ ان لاءِ ان ڪري به ڪارائتو هوندو آهي جو کيس سياسي معاملن کي نئين سر سمجهڻ ۽ پنهنجي سياست کي الڳ انداز ۾ ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو آهي، جيڪڏهن عمران خان نيازي اڃا به پنهنجي سياست مان ڪجهه ناهي پرايو، جيڪڏهن جيل به کيس سڌاري نٿي سگهي ۽ هو وري به ساڳي سياست تي يقين رکي ٿو ۽ ساڳي سياست ڪرڻ چاهي ٿو ته پوءِ پي ٽِي آءِ جو وجود جيڪو هاڻي ڪجهه بچي ويو آهي، اهو ڪڏهن به ڪونه بچي سگهندو ۽ نه ئي نه ان لاءِ عمران خان نيازيءَ جي سياست هن ملڪ کي ڪو فائدو ڏئي سگهي ٿي. تنهنڪري پي ٽي آءِ کي سياسي پارٽين سان ٽڪراءُ واري سياست بند ڪرڻي پوندي، ان کي ان سياسي عمل جو حصو ٿيڻو پوندو جيڪو سياستدانن جي سياسي طاقت کي وڌائي ته جيئن اهي بهتر نموني اسٽيبلشمينٽ کي شڪست ڏئي سگهن، جيڪا وڏي وقت کان سياسي پارٽين ۽ ملڪ جي سياسي نظام تي قابض لڳي پئي آهي. جنهن لاءِ في الحال سياسي آزادي جوکم وارو ڪم آهي. سو سياسي پارٽيون جڏهن پاڻ ۾ ٽڪراءُ کائين ٿيون ته اصل ۾ اهي اسٽيبلشمينٽ جي ونگار وهي ان کي وڌيڪ مضبوط پيون ڪنديون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button