پاڪستان ھڪ ڀيرو ٻيھر جمھوريت سان ھم آغوش ٿيڻ ڏانهن وڌي رھيو آھي. ھن ڀيري تاريخ جي ڪک ۾ اھو حمل جمھوري ٻار جي جنم جو باعث بڻبو يا ھڪ ڀيرو ٻيھر مس ڪيريج يا ابارشن جو مرحلو ايندو؟ اھو سوال سورن سان ايترو تھ سلھاڙيل ۽ ايترا ڀيرا ورجايل آھي جو ھاڻي ھن ملڪ جي حساس ماڻھن اھو سوال پڇڻ تھ ماڳ پر ان تي سوچڻ بھ ڇڏي ڏنو آھي. ھونءَ بھ جيڪو سوال جواب بدران پراڻن سورن کي جاڳائڻ جو سبب بڻجي، ان کي ٻيھر اٿارڻ مان ڪھڙو فائدو؟
جمھوريت جي سلسلي ۾ پاڪستان ۾ جيترو لکيو، پڙھيو ۽ خاص طور تي ڳالھايو ويو آھي، ان لاءِ ان جي اڌ جيترو بھ ڪم ڪيو وڃي ھا تھ ھن مھل اھو نظام اسان جي ملڪ ۾ روان دوان نظر اچي ھا. پر افسوس جي ڳالھھ اھا آھي تھ جمھوريت تي سياستدانن، صحافين ۽ فوجي جرنيلن جيترو ڳالھايو آھي، ايترو شايد ملڪ جي ٻين معاملن تي نھ ڳالھايو ويو ھجي. جڏھن تھ جمھوريت ڪو اھڙو اسم اعظم ناھي، جنھن کي اچارڻ سان ملڪن سرحدن ۽ ماڻھن جي زندگين ۾ خوشحاليءَ جي بھار جا جھوٽا داخل ٿي ويندا. ان سان ماحول ۾ موسم تبديل ٿي ويندي. ڇو تھ ھن مھل بھ دنيا ۾ اھڙا جمھوري ملڪ موجود آھن، جن وٽ جمھوريت کان سواءِ باقي ڪجھھ ڪونھي. جڏھن تھ دنيا ۾ اھڙا آمريتي نظام وارا ملڪ بھ موجود آھن، جن ۾ جمھوريت کان سواءِ باقي زندگيءَ جو ھر سک ۽ سھولت موجود آھن. سعودي عرب ۾ ڪا جمھوريت ناھي ۽ چين ۾ جمھوريت کي داخلا ٿيڻ جي اجازت ڏئي نھ ٿي سگھجي. پر ان جي باوجود بھ اھي ٻيئي ملڪ تمام گھڻي خوشحاليءَ جي تصوير پيش ڪن ٿا. جڏھن تھ انھن ٻنھي ملڪن مان ھڪ ملڪ سخت مذھبي قانون رکڻ وارو ٻيو ملڪ ڪميونسٽ ڪوٺائڻ ۾ ڪو لڄ محسوس نھ ٿو ڪري. جڏھن تھ انھن ٻنھي ملڪن مٿان سندن دعوائن جي سلسلي ۾ ڪي تنقيدون بھ ٿينديون رھيون آھن ۽ ٿين بھ ٿيون. ممڪن آھي تھ سعودي عرب جي سرڪار سان مذھبي قانونن جي معاملي ۾ ڪنھن فرد يا ڌر کي اختلاف بھ ھجي! جڏھن تھ اڄ بھ اھڙن سوشلسٽن جو مقدار اھڙي غيرنظرياتي عالمي موسم ۾ بھ گھٽ ناھي، جيڪي چين جي نظام کي ڪنھن بھ ريت ڪارل مارڪس جي نظرئي سان ھم آھنگ مڃڻ لاءِ ھڪ پل لاءِ بھ تيار ناھن. حقيقت ڪھڙي بھ ھجي ۽ ان تي ڪنھن جو ڪھڙو موقف بھ ٿي سگھي ٿو. پوءِ بھ ان ڳالھھ تي ھر مخالف سوچ وارو بھ سھمت ٿيڻ لاءِ مجبور ھوندو تھ چين ۽ سعودي عرب بھ ڪھڙو بھ نظام ھجي پر گھٽ ۾ گھٽ جمھوريت ناھي. پر خوشحالي آھي.
ان جو مطلب اھو ٿيو تھ جمھوريت جو خوشحاليءَ سان سڌو سنئون تعلق ناھي. ممڪن آھي تھ ڪٿي ھجي بھ! ۽ ھجي ڇو؟ آھي بھ!! مثال طور مغربي ملڪ خاص طور آمريڪا ۽ ان کان پوءِ يورپ جا ملڪ اھا دعويٰ ڪن ٿا ته انھن جي خوشحاليءَ جو سبب اھو سياسي نظام آھي، جنھن کي جمھوريت سڏيو وڃي ٿو. حالانڪه اصل حقيقت اھا آھي تھ دنيا جي امير ۽ آسودن ملڪن ۾ خوشحاليءَ جو ڪارڻ جمھوريت نھ پر اتان جو معاشي نظام آھي. اھو معاشي نظام گھڻو ڪري سرمائيداريءَ جي ڪنھن روپ سروپ جي نمائندگي ڪري ٿو. جڏھن تھ اسان وٽ ھر شيءِ ھوندي ڪجھھ بھ ناھي. اسان وٽ جمھوريت ھوندي، جمھوريت ناھي. اسان جي ملڪ ۾ سرمائيداري ھوندي بھ سرمائيداري ناھي. اسان وٽ سرمائيداري تھ ڇا پر سرمايو بھ ناھي. ان ڪري اسان ھر سال پنھنجو محبوب ۽ مقدس ڪشتو کڻي آءِ ايم ايف جي در آڏو صدائون ھڻڻ تي مجبور آھيون ۽ ھو اھڙا تھ پلستر آھن جو اسان مٿان وياج کان وڌيڪ شرطون وجھن ٿا.
“اڳي ائين ھياس جو پنھونءَ ڌوتم ڪپڙا
ھاڻي ايئن ٿياس جو جت نھ نيئن پاڻ سين”
پاڪستان جي حوالي سان ھن مھل آمريڪا ۾ وڏيون رپورٽون نشر ۽ شايع ٿي رھيون آھن. ڇو تھ اسان جي ملڪ جو آرمي چيف پنھنجي پھرين ۽ اھم دوري تي ھو. ان دوري دوران ھو عالمي ادارن ۽ ڪھڙين شخصيتن سان مليو ۽ انھن جي وچ ۾ ڪھڙا موضوع ڊسڪس ٿيا؟ پاڪستان ۾ ھن مھل تائين انھن جي باري ۾ ڪا تفصيلي رپورٽ منظرعام تي نھ اچي سگھي آھي. ڇو تھ پاڪستان ۾ ڪجھھ موضوع اھڙا آھن، جن جي دائري ۾ داخل ٿيندي جمھوريت جا پر جلڻ لڳندا آھن. جڏھن تھ سوشل ميڊيا پنھنجي پوري مستيءَ ۽ سرمستيءَ ۾ آھي. پر مسئلو اھو آھي تھ ان سوشل ميڊيا تي اکيون پوري ڪيئن اعتبار ڪجي، جنھن سوشل ميڊيا جي پويان ڪا مخصوص پروفيشنل سوچ ۽ ڪو منظم ادارو نھ ھجي. جنھن سوشل ميڊيا پويان پاڪستان مان ڀڳل صحافين ۽ اينڪرن جا اھڙا آواز ھجن، جن ۾ مخصوص سياسي پارٽي ۽ ان جي اسير اڳواڻ جي غيرمشروط حمايت جو ھوڪا ھجن تھ انھن جي آبجيڪٽوٽيءَ مٿان اعتبار ڪرڻ عبث آھي. پاڪستان ۾ ھن مھل جنھن قسم جو ماحول آھي، ان ماحول ۾ اسان صرف ۽ صرف روايتي ۽ غيرروايتي ميڊيا تان ڪک پن ڪٺا ڪري، پنھنجي عقل ۽ تجربي جي بنياد تي ڪو تجزيو ئي ڪري سگھون ٿا.
ملڪ ۾ ايندڙ حڪومت مسلم ليگ (ن) بلڪھ ليگ جي نالي ۾ ميان نواز شريف جي ھوندي. اھو پڪو پختو خيال اليڪشن جي ويجھو ايندي پنھنجي پختگي وڃائيندو محسوس ٿي رھيو آھي. ڇو تھ آمريڪا مان بھ اھي آواز اچن ٿا تھ ممڪن آھي تھ ميان نواز شريف کي اليڪشن ۾ سرپرائز جو تحفو ملي. اھو ممڪن آھي تھ ھن کي عدليا کان انصاف يا رليف اليڪشن جي نتيجي ۾ پنھنجو رخ تبديل ڪري ڇڏي! ممڪن آھي تھ ھن جي مٿي ۾ ھر سيٽ تي ڪو اھڙو مخالف مٿي ۾ لڳي، جيڪو تحريڪ انصاف جي علامت بڻجي ھن کي ھارائي ڇڏي. اھڙي صورت ۾ تھ ميان نواز شريف اھل ھوندي بھ اسيمبليءَ ۾ پھچي نھ سگھندو. جيڪڏھن اھو اسيمبليءَ ۾ نھ پڳو تھ پوءِ وزارت اعظميٰ جو قسم ڪيئن کڻندو؟ جڏھن تھ پنھنجي سيٽ کٽڻ ۽ سرڪار ٺاھڻ جي وچ ۾ ايترا وڏا ۽ مشڪل مرحلا آھن جو انھن تي سوچڻ سان ماڻھو پنھنجو فوڪس وڃائي ويھي ٿو.
پاڪستان ۾ توازن پيدا ٿيڻ ھڪ اھڙو خواب آھي، جيڪو ھن مھل تائين تعبير جو پھراڻ پھري نھ سگھيو آھي. ھن وقت بھ اسان جا سگھارا سياستدان اھو طئي ڪرڻ ۾ سوڀارا ٿي نھ سگھيا آھن تھ انھن جي اصل ايجندا ڪھڙي آھي؟ جمھوريت يا معاشي خوشحالي؟ پاڪستان ۾ جمھوريت جو نالو ھلندو ۽ ان نالي جي پاڇي ۾ جيڪو بھ نظام پنھنجا پھر پورا ڪندو، ان سان الجھي پنھنجي سرڪار وڃائڻ واري غلطي ورجائڻ لاءِ ھن مھل تھ اھا پارٽي بھ تيار نھ ھوندي، جيڪا پاڻ کي موقعو نھ ملڻ سبب بااصول ۽ نظرياتي پارٽي قرار ڏئي رھي آھي. جڏھن تھ مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ عرف ميان نواز شريف ۽ آصف زرداريءَ وچ ۾ اسٽيبلشمينٽ سان وڌيڪ ويجھو ٿيڻ جي جيڪا ڪامپٽيشن آھي، ان ۾ ھن مھل تائين مسلم ليگ (ن) اڳتي آھي ۽ ان جو سبب پنجاب بھ آھي پر ڇا اھا حقيقت ناھي، جنھن کي اسان وٽ ان پھاڪي ۾ ويڙھي پيش ڪيو ويندو آھي تھ “بد کان بدنام برو آھي” مسلم ليگ (ن) کير جي ڌوتل ناھي ۽ جيڪڏھن ھن کي کير سان ڌوتو بھ وڃي، تڏھن بھ ان مان اھا بوءِ نھ ويندي، جيڪا ھن جي سياسي سڃاڻ رھي آھي. پر تاريخ جي آئيني ۾ ھن مھل پيپلز پارٽي بھ اھا صورت سنڀالي نھ سگھي آھي، جيڪا شھيد ڀٽو تھ ڇا پر مسلم دنيا جي پھرين خاتون وزير اعظم جي وقت ۾ ھئي. وقت صرف وعدن کي نھ پر وجودن کي بھ ايترو تبديل ڪري ڇڏي ٿو جو انھن جي اصل سڃاڻ اکيون چنجھيون ڪرڻ سان بھ ممڪن ٿي نھ ٿي سگھي.
اسان جو ملڪ حقيقي جمھوريت سان ھم آغوش ٿيڻ ۾ ڪيترو وقت وٺندو ۽ اسان جو ملڪ معاشي طور ايترو ڪڏھن وڏو ٿي سگھندو جو ھو اقتصادي حوالي سان پنھنجن پيرن تي بيھي سگھي؟ ان سوال جو جواب ڪنھن سياسي مبصر وٽ تھ ڇا پر ستارن جي علم جي دعويٰ ڪندڙ نجوميءَ وٽ بھ ناھي. پر ايترو ضرور آھي تھ پاڪستان ۾سياستدانن کي سرڪار ۽ عوام کي مھانگائيءَ کان نجات گھرجي. مھانگائي غريب ملڪ جي امير سياستدانن جو اشو ناھي ۽ جمھوريت ان غريب عوام جي ايجندا تي ناھي، جنھن جي چلھھ گرم موسم بھ سرد ھوندي آھي.