قومن کي مزاحمت زنده رکندي آهي. سنڌ جي تاريخ مزاحمتي ڪردارن سان ڀري پيئي آهي. موجوده دور جو اهڙو ئي هڪڙو مزاحمتي ڪردار عزيز الله ٻوهيو آهي، مولانا عزيز الله ٻوهيي کي ڏسي اهو ويساهه وڌيڪ پختو ٿئي ٿو ته سنڌ جيئندي سدا.
سنڌ، سنڌي سماج مٿان 3 عنصر مصيبت جي صورت ۾ مسلط آهن. پنجاب جي بالادستي، سنڌ جو جاگيرداراڻو نظام ۽ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي. مولانا ٻوهيو ٽنهي خلاف مزاحمت جنگ جي اڳين صفن ۾ رهيو. هتي ڪجهه ماڻهو اڻڄاڻائي ۾، يا ڄاڻي واڻي، مزاحمت کي بندوق سان منسلڪ ۽ محدود ڪن ٿا. زبان سان ۽ خاص ڪري قلم سان تمام وڏي مزاحمت ٿي سگهي ٿي ۽ ٿي آهي. دنيا جي تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پيئي آهي. سقراط جي مزاحمت جو ڪو آهي مٽ تاريخ ۾؟ مارٽن لوٿر جي مزاحمت ڪيئن چرچ کي چئلينج ڪندي يورپ ۾ نئين سجاڳي جا بنياد وڌا، جنهن اڳتي هلي سڄي دنيا کي روشني جا رستا ڏيکاريا. يا ڪوپرنيڪس/گئليلو جي “مقدس مسندن” خلاف شروع ڪيل مزاحمت چار سئو سالن تائين جاري رهي. جڏهن بندوق جي زور تي بالادستي رکندڙن کانئس معافي ورتي ۽ هتي بندوق جي زور تي قائم ازدهي جهڙي پاڪستاني رياست خلاف جي ايم سيد جي اڪيلي سر قلم ذريعي ڪيل مزاحمت جي عظمت کان ڪير انڪار ڪري ٿو سگهي. ان جو مطلب انهن ماڻهن جي عظمت کي گهٽ ڪرڻ قطعي ناهي، جن ظلم، جبر ۽ ڏاڍ ڏمر کان انسانن کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ لا بندوق کنئي.
پاڪستان جي رياست ٺهيل ئي مذهب جي بنياد تي ۽ بيٺل ئي مذهب ۽ بندوق جي ميلاپ آڌار آهي. ان ۾ مذهب جي نالي ۾ ٿيندڙ استحصال خلاف جدوجهد ڪرڻ وڏو ڪم آهي. جيڪو مولانا عزيز الله ٻوهيي ڪيو. هتي نه رڳو استحصال ڪيو ويو آهي پر هن رياست مذهب جي آڙ ۾ قومن جي وجود کي ئي ميسارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان خلاف ٿيندڙ سنڌي قوم جي جدوجهد ۾ مولانا ٻوهيي جو به حصو آهي، جڏهن هڪڙو مذهبي عالم مذهب جي نالي ۾ ٿيندڙ ناانصافين ۽ ظلم جبر خلاف دليل دلائل ڏئي ٿو ته پوئتي پيل سماج ۾ ان جو پنهنجو اثر ٿئي ٿو.
سنڌي سماج تي جاگيردارن، سردارن، وڏيرن ۽ پيرن ميرن جي بالادستي به گهڻي ۽ گهڻي وقت کان رهي آهي. 1947ع ۾ مذهب جي بنياد تي ٿيل متڀيد جي نتيجي ۾ اسان جي بالغ مڊل ڪلاس جي سنڌ بدر ٿيڻ جي نتيجي ۾ جاگيردارن ۽ پيرن ميرن جي گرفت اڃا وڌيڪ مضبوط ٿي ويئي. انهن جي خلاف مولانا زبان سان توڻي قلم سان جدوجهد ڪئي. ان ڪري ئي هاري اڳواڻ هن جا ويجها دوست رهيا ۽ هاري تحريڪن سان هن جي خاص ويجهڙائپ رهي. اهو ئي سبب هو ته سندس جنازي ۾ 86 سالا دادا علي بخش جهڙا هاري اڳواڻ به شامل هئا.
سنڌ جي جدا سڃاڻپ ۽ خودمختار حيثيت جو فڪر کيس عبيدالله سنڌي کان ورثي ۾ مليو هو. مفتي محمود جي قيادت واري جمعيت علما اسلام سان اختلاف به سنڌ جي خودمختاري جي سوال تي ٿيس ۽ ان کان، ٻين محب وطن سنڌي عالمن سان گڏ، عليحدگي اختيار ڪيائين. اڳتي هلي عبيدالله جي فڪر جي تسلسل ۾ سنڌ ساگر پارٽي ٺاهيائين، جنهن سان آخري دم تائين واڳيل رهيو.
سنڌ جي جدا سڃاڻپ جو هڪ انتهائي اهم عنصر سيڪيولرزم آهي. جنهن سيڪيولرزم لا يورپ وارن کي صدين تائين خوني ويڙهه وڙهڻي پيئي، اهو سنڌ جي ڌرتي مان نسلن وانگر صدين تائين ڦٽندو رهيو آهي. يا جيئن رام ڄيٺ ملاڻي چيو ته “هندستان ۾ ٻارن کي اسڪول ۾ سيڪيولرزم پڙهايو ويندو آهي. پر اسان سنڌين کي سيڪيولرزم ما جي ٿڃ ۾ ملندو آهي”. پاڪستان جي رياست ۽ ان جا ساٿاري سياستدان ۽ ملا سنڌ جي سيڪيولر سماج کي بگاڙڻ ۽ سيڪيولر چهري کي مسخ ڪرڻ جون ڪوششون ڪندا رهيا آهن. انهن جي اهڙين سازشن ۽ منصوبن جو مقابلو ڪندي سنڌ جي سيڪيولر چهري جي سونهن کي برقرار رکڻ واري جدوجهد ۾ جتي جي ايم سيد جو نالو نمايان اچي ٿو، اتي سنڌ جي عالمن جو ڪردار به اهم آهي. جن ۾ مولانا عزيز الله ٻوهيي، حافظ صديق ميمڻ ۽ مولانا عبيدالله ڀٽي جا نالا نمايان جا والارين ٿا.
سنڌ جي آزادي، خودمختياري ۽ خوشحالي واري سياسي جدوجهد جي سفر ۾ مولانا ٻوهيي سان منهنجو عملي واسطو 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ٿيو، جڏهن راڄوڻو اتحاد ٺهيو. جنهن ۾ سنڌ جي آزادي ۾ يقين رکندڙ جماعتون جيئي سنڌ محاذ، سنڌ ساگر پارٽي، جميعت علما سنڌ، سنڌ نيشنل ڪانگريس، سنڌ دوست انقلابي تنظيم ۽ سنڌ انقلابي پارٽي شامل هيون. ان اتحاد جي پويان سنڌي عوام جو قومي اتحاد ۽ سنڌ قومي اتحاد ٺهيا. راڄوڻي اتحاد سنڌ ۾ قومي سجاڳي جي هڪ نئين لهر جي ابتدا ڪئي. سنڌ قومي اتحاد جيئن ته هڪڙو تمام وڏو ۽ وسيع اتحاد هو، جنهن ۾ مختلف مڪتبه فڪر جون پارٽيون، ادبي ۽ سماجي تنظيمون ۽ ڪجهه ناميارا فرد شامل هئا، تنهنڪري ان اتحاد جي اندر پارٽيون فڪري هم آهنگي جي بنياد تي گڏجي ڪم ڪنديون هليون، اهڙي ريت اتي به مولانا ٻوهيي ۽ مون کي ويجهو اچڻ ۽ ويجهڙائي سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. انهن اتحادن جي عوامي رابطي وارن دورن دوران “مولانا” طرفان سيڪيولر سياسي مقصدن جي حق ۾ دليل دلائل سان گفتگو نهايت اثرانداز ۽ ڪارائتي هوندي هئي.
ان کان پو پاڪستان جي سڀني محڪوم قومن (سنڌي، بلوچ، پختون ۽ سرائيڪي) جو اڃا وڌيڪ وڏو اتحاد جڙيو پونم. ان اتحاد جي سرگرمين اسان کي اڃا وڌيڪ هڪ ٻئي جي ويجهو آندو. ٿيو ائين ته ٻن ڏينهن وارو اساسي اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ سينيئر اڳواڻن پاڻ ۾ مشورو ڪري هڪ ڊرافٽ ڪميٽي مقرر ڪري ڇڏي هئي. پهرئين ڏينهن واري اجلاس جي خاتمي وقت ان ڪميٽي جي ميمبرن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو. ان وقت مولانا عزيز الله اٿي بيهي مطالبو ڪيو ته ڪميٽي ۾ خالق جوڻيجي کي شامل ڪيو وڃي. سندس ان مطالبي جي سنڌ ۽ سرائيڪستان جي لڳ ڀڳ سڀني ڪارڪن جي پارٽين حمايت ڪئي. اهڙي ريت ڊرافٽ ڪميٽي ۾ منهنجو نالو وڌايو ويو، جنهن جا ٻيا ميمبر يوسف لغاري، رسول بخش پليجو، سينيٽر بشير مَٽا، لطيف آفريدي، حبيب جالب بلوچ، ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ، تاج محمد لانگاهه ۽ عبدالرحيم مندو خيل هئا. ان کانپو به جيستائين پونم سرگرم رهيو ته مولانا ۽ مان ويجهي صلاح مشوري ۽ سهڪار سان هلندا رهياسين. هڪ ڀيري سرائيڪستان جي دوري تي ويل پونم جي وفد ۾ مان، مولانا ٻوهيو ۽ جالب بلوچ هئاسين. ٽن ڏينهن واري دوري جي سڀ کان اهم پروگرام سرائيڪي نيشنل پارٽي طرفان ڪرايل عام جلسي ۾ مولانا صاحب سرائيڪي ٻولي ۾ تقرير ڪئي، جنهن تي مون چيومانس ته “توهان اسان کان گو کڻي ويئو”.
مون سان ذاتي طور به مولانا تمام گهڻو مهربان هوندو هو. ڪيترا ڀيرا فون ڪري گهر تي يا آفيس تي سيڙجي ڪچهري ڪرڻ آيو. ان دوران سنڌ جي مجموعي صورتحال بابت گفتگو ڪرڻ کانسوا منهنجي انفرادي سياسي ڪردار بابت به مون کي سٺيون صلاحون ڏيندو هو. هڪ ڀيري اهڙي ڪچهري لا پنهنجي نوشهروفيروز واري گهر تي منهنجي دعوت به ڪيائين، جنهن ۾ ٽي چار ٻيا ويجها اعتماد وارا دوست به شريڪ ٿيا. وفات کان ٻه هفتا اڳ ۾ 15 آڪٽوبر تي فون ڪري چيائين ته “سڀاڻي توسان ضروري ڪچهري ڪرڻي آهي”. ملاقات لا نوردين سرڪي اينڊ ڪمپني جي آفيس ۾ 2 وڳي جو ٽائيم مقرر ٿيو. ٻئي ڏينهن 1:30 وڳي فون ڪري چيائين ته “مان تنهنجي آفيس ۾ ويٺو آهيان”. جلدي اچڻ جو سبب ٻڌائيندي چيائين ته توکان اڳ ۾ مولابخش کوسي سان ڪچهري ڪرڻي هئي، پر اهو ڪونه مليو. مان تڪڙ ڪري پوڻي ٻين وڳي آفيس پهتس. ماني کان منع ڪيائين، چانهه لا چيائين ته “تنهنجو ساٿي وڪيل پياري چڪو آهي”. 20-25 منٽن جي ڪچهري دوران منهنجي توقع خلاف ڪا نئين يا اهم ڳالهه ڪانه ڪيائين. اهو چيائين ته “سنڌ جي قومي تحريڪ جي حوالي سان تو ۾ گهڻي اميد آهي، توتي ذميواري به گهڻي آهي، ان کي چڱي طرح نڀائجان”. اهي اکر چوندي مولانا جو آواز ڀرجي آيو، جنهن تي مان رڳو کيس ٻانهون ٻڌڻ جيتري همت ڪري سگهيس. ان کانپو اهو چوندي روانو ٿيو ته “اوڀايي خان خشڪ ڏانهن ٿو وڃان”. سومهڻي مهل اوڀايي خان فون ڪري چيو ته “مولانا صاحب ڪچهري ويٺو ڪري ان دوران تنهنجو ذڪر به ٿيو”. مولانا جي وڃڻ کانپو مان سندس سيڙجي (ٽائيم رکي) اچڻ، ايتري مختصر وقت ويهڻ ۽ اهڙا لفظ چوڻ جو مقصد سمجهي نه سگهيس ۽ پنهنجو پاڻ کان سوال ڪندو رهيس، انهن سوالن جو جواب مون کي تڏهن مليو، جڏهن سندس تڏي تي سندس ننڍي فرزند فيصل ٻڌايو ته “ان ڏينهن صبح جو مان بابا کي ڊاڪٽر سليمان شيخ جي آفيس ڇڏي آيس، اتان کيس يونس مهر وٽ وڃڻو ۽ پو تو وٽ اچڻو هو”. ان مان ظاهر ٿيو ته زندگي جي حقيقتن کي چڱي ريت سمجهندڙ هن عالم کي محسوس ٿي ويو ته سندس زندگي جو باب پورو ٿيڻ وارو آهي. ان ڪري هو وڌ کان وڌ ويجهن دوستن سان ملڻ ۽ اڻ محسوس طريقي سان وصيت ڪرڻ چاهي پيو. سندس عظمت جي اها علامت آهي ته آخري وقت ۾ به گهر ۾ ويهي خانداني معاملن بابت گفتگو ڪرڻ بدران، هميشه وانگر سنڌ گهمندي، سنڌي قوم جي اجتماعي مفادن بابت ڳالهائڻ ۽ پنهنجي فڪر جو اظهار ڪرڻ کي ترجيح ڏنائين.