ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

هڪ ملڪ جو سڏڪندڙ موت

Editorial-Article-Wusstallah Khan

اسلامي ڪانفرنس ۽ عرب ليگ جي برادر ميمبر يمن تي، مارچ 2015ع ۾ 8 برادر اسلامي ملڪن (سعودي عرب، امارات، بحرين، ڪويت، اردن، سوڊان، مصر ۽ مراڪش) جي چڙهائي ۽ يمن جي قبائلي گهرو ويڙهه جو رخ پنهنجي مرضي موجب موڙڻ جو هدف 6 سالن ۾ پورو نه ٿي سگهيو. گڏيل قومن جي ترقياتي اداري (يو اين ڊي پي) جي تازي رپورٽ موجب ان عرصي ۾ هيستائين يمن ۾ سڌي ۽ اڻ سڌي ريت جنگي مصيبتن سبب 3 لک 77 هزار شهري مارجي چڪا آهن. ان ۾ 70 سيڪڙو پنجن سالن جا ٻارڙا آهن.
40 سيڪڙو موت بمباري ۽ سڌي ريت فوجي ڪاررواين ۾ ٿيا آهن ۽ 60 سيڪڙو موت جنگ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ اثرن سبب ٿيا. گڏيل قومن يمن جي حالت کي دنيا جو بدترين انساني بحران قرار ڏنو آهي. 40 لک ماڻهو گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿيا ۽ 3 ڪروڙ انسانن جي ملڪ جي 70 سيڪڙو آبادي (لڳ ڀڳ 21 ملين) ڪنهن نه ڪنهن تحفظ ۽ مدد جي مستحق ٿي چڪي آهي. 50 هزار انسان سڌي ريت ڏڪار ۾ ورتل آهن ۽ 5 لک بک سبب تڙپن پيا. 33 لک ٻار اڻ پوري خوراڪ سبب لوڙين پيا. 4 لک زخمي يا بيمار ٻار علاج معالجي جي عدم دستيابي سبب موت جي منهن ۾ وڃڻ لا تيار آهن. ملڪ ۾ قائم ساڍن ٽن هزار طبي مرڪزن مان اڌ بند يا تباهه ٿي ويا آهن. 20 سيڪڙو ضلعن ۾ هڪ به ڊاڪٽر ڪونهي. 3 ڪروڙن مان لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ ماڻهو تسلي بخش طبي سهولتن کان محروم آهن.
50 سيڪڙو آبادي گدلو پاڻي استعمال ڪري رهي آهي. 2016ع کان هيستائين هيضي جي درجنين وبائن جو 25 لک ماڻهو شڪار ٿيا آهن ۽ 5 هزار مري ويا. گڏيل قومن بقول 21هين صدي ۾ هي هيضي جي سڀ کان خوفناڪ وبا آهي. سرڪاري انگن اکرن تي يقين ڪجي ته گذريل مهيني تائين يمن ۾ ڪووڊ جا 9 هزار 800 متاثر ۽ 1880 تصديق ٿيل موت سامهون آيا آهن. پر اهي انگ اکر ان ڪري شڪي آهن جو صحت جو انتظامي ڍانچو ٽڙپکڙ آهي، تنهنڪري ڪووڊ ٽيسٽن جو نظام به علامتي آهي. حوثي قبيلن جي اثر هيٺ علائقن مان ڪووڊ جي رپورٽنگ تمام گهٽ ٿيندي آهي. ٻاهرين مداخلت ۽ گهرو ويڙهه جهڙي ريت عام ماڻهن جي چيلهه ڀڳي آهي، ان يمن جي لڳ ڀڳ اڌ کان وڌيڪ آبادي (هڪ ڪروڙ 56 لک) کي انتهائي غربت جي کڏ ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي.
هي بحران ايندڙ 8 سالن تائين جاري رهيو ته گڏيل قومن جي پيش ڪيل انگن اکرن موجب 13 لک وڌيڪ ماڻهو مري ويندا. انهن مان 70 سيڪڙو موت خوراڪ جي کوٽ، روزگار جي تباهي، آسمان کي ڇهندڙ اگهن، ماحولياتي خرابي ۽ گدلاڻ، صحت، صفائي ۽ تعليم جي ڍانچي جي بربادي جي نتيجي ۾ ٿيندا. رپورٽ ۾ ڪاٿو لڳايو ويو آهي ته ايندڙ 8 سالن دوران حالتن ۾ بهتري نه آئي ته اڻ پوري خوراڪ جي شڪار ماڻهن جو انگ 92 لک تائين پهچي ويندو ۽ ملڪ جي 65 سيڪڙو آبادي غربت جي ليڪ هيٺ معاشي تدفين ٿي چڪي هوندي. جيڪڏهن اڄ جنگ ختم ٿي وڃي، تڏهن به غربت جي ليڪ کان مٿي اچڻ لا گهٽ ۾ گهٽ هڪ نسل جو عرصو گهربل هوندو. البت امن جي صورت ۾ ايندڙ چئن سالن ۾ اڻپوري خوراڪ جي بحران ۾ 50 سيڪڙو ۽ ايندڙ 8 سالن ۾ 5 سالن تائين جي ٻارن جي موت ۾ اڌ جي لڳ ڀڳ ڪمي ايندي.
هي جنگ يمن کي ايراني حمايتي يافته حوثي قبيلي جي اثر ۾ وڃڻ کان بچائڻ جي نالي تي امريڪا، برطانيا ۽ فرانس جي مادي ۽ انٽيليجنس مدد سان سعودي ۽ اماراتي قيادت ۾ ان اميد تي شروع ٿي هئي ته آپريشن وڌ کان وڌيڪ ڏيڍ مهيني ۾ ختم ٿي ويندو. اڄ ڇهن سالن کانپو حالتون اهي آهن ته جنهن ٽولي جو جن علائقن تي قبضو هو، اهو ائين ئي آهي. حوثين جا سعودي عرب تي حملا اڳ کان وڌي ويا آهن. امارات ۽ سعودي عرب شروع شروع ۾ ته هڪ مقصد تحت وڙهيا، پو ٻنهي پنهنجن پنهنجن پسنديده ٽولن جي حمايت شروع ڪري ڇڏي. آهستي آهستي امارات عملي طور ان جنگ کان لاتعلق ٿيندي وئي. ٽرمپ انتظاميا حوثين کي دهشتگرد ٽولن جي فهرست ۾ وجهي ڇڏيو پر بائيڊن انتظاميه ان فهرست مان خارج ڪري ٻيهر سياسي ٽولو قبول ڪري ورتو.
باقي عرب اتحادي به هاڻي علامتي طور جنگ ۾ شريڪ آهن ۽ محاذ تي تعطل جي ڪيفيت ۾ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان امارات جي صدر خليفا بن زيد النهيان جي سياسي ۽ عسڪري تائيد سان جنهن جوش ۽ جذبي ۾ پرائي گهرو ويڙهه ۾ ٽپيو هو، ان جو مالي بار به کيس کڻڻو پيو پوي ۽ هاڻي ائين آهي جو ڪمبل مان جان ڇڏائڻ چاهي ٿو پر ڪمبل جان نه پيو ڇڏي.
هن گهرو ويڙهه ۾ ٽپڻ جي جواز کي اهو نظرياتي جامو پهرايو پيو وڃي ته ٻيٽ جهڙي عرب جي ڏکڻ کي ايراني اثرن کان محفوظ رکڻو آهي، جيڪو حوثين کي ڳجهي نموني هٿيار پهچائي رهيو آهي. پر يمن جي بحري، زميني ۽ هوائي ناڪابندي باوجود هاڻي اهي هٿيار ڪٿان پيا اچن. ان بابت جيترا وات اوتريون ڳالهيون آهن.
هن جنگ سان جيڪڏهن ڪنهن جو فائدو ٿئي ٿو ته اها القاعده آهي. جنهن لاقانونيت کي غنيمت سمجهيو آهي. ان نه رڳو ان جابلو ملڪ ۾ پاڻ کي مستحڪم ڪيو آهي، پر وقت بوقت گهرو ويڙهه ۾ ملوث پسنديده ٽولن جو به ساٿ ڏنو. وچ آفريڪا جي آمهون سامهون ۽ قلزم سمنڊ کي هندي سمنڊ سان ملائيندڙ ڪنڌي تي واقع يمن جي نڪ هيٺان تيل سوڌو دنيا جو پنجاهه سيڪڙو گذري ٿو. اهڙي ڪارنر واري پلاٽ تي القاعده جي موجودگي گهاٽي جو سوڌو بلڪل به ڪونهي. هاڻي ته هتي داعش به منظم ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي.
هن جنگ ۾ ڪير حق تي ۽ ڪير باطل آهي. ڪير کٽي پيو ۽ ڪير هارائي پيو، ان جي جواب جو دارومدار ان تي آهي ته سوال ڪندڙ ڪنهن جو حامي آهي ۽ ڪهڙي زاويي سان حالتن کي ڏسي رهيو آهي. پر هڪ ليڪ يمن جي آسمان تي لاڳيتو چمڪي رهي آهي ته ڪوبه کٽي پر شڪست يمن جي 3 ڪروڙ ماڻهن جو مقدر آهي. هي هڪ خاموش الميو آهي، جنهن ۾ ٽي وي ڪيمرا لائق ڪا ڪشش باقي ناهي رهي، تنهنڪري هي جنگ باقي دنيا وساري ڇڏي آهي.
جيڪڏهن هي جنگ ڪنهن غير مسلم خطي ۾ ٿي رهي هجي ها ته عالم اسلام ۾ بيچيني جي هڪ ته ٺهيو درجين لهرون هيستائين ڊوڙي وڃن ها ۽ اسلامي ڪانفرنس ۽ عرب ليگ جي ايوانن ۾ نشستن گفتن ۽ برخاستن جا ڪئين سيشن ٿي چڪا هجن ها. يمن ته هونئن به هڪ غريب ملڪ آهي، ۽ هن کي ڪٽڪو ڏيندڙ نه رڳو امير آهن، پر علائقي ۾ انهن جو داٻو به آهي. تنهنڪري ضمير بهرحال داٻي کان وڌيڪ ڀلو نٿو ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button