ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

رياست ۽ سياست جي ادارن جو سوال

Editorial-Article-Mumtaz Mangi

هن ملڪ ۾ رياست جي ادارن جي خودمختياري ۽ غير جانبداري جي سوال تي هر وقت ۽ هر فورم تي بحث ۽ گھر ٿيندي رهي آهي عوامي فورمن تان رڳو اهو بحث ناهي ٿيندو رهيو پر اها گھر ۽ اهو بحث خود رياست جي ادارن جي اندر به ٿيندو رهيو آهي ۽ ٿيندو رهي ٿو پوءِ ان بحث جون شڪليون ڪجھه مختلف آهن هر اداري ۾ هي بحث الڳ الڳ انداز سان ۽ اداري جي الڳ الڳ پرتن ۾ ٿئي ٿو، مثال عدالتن جي اندر هي بحث هيٺين سطح کان مٿي سطح تائين کلي طريقي سان ٿيندو آهي پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ گھڻو ڪري هي بحث پوليس جي اندر ٿيندي نظر ايندو آهي باقي ٻين ادارن ۾ هي بحث مٿي سطح کان سواءِ هيٺين سطح تي وڌيڪ ٿيندي نظر ايندو آهي انهيءَ کان علاوه رياست جا باقي ادارا ساڳئي طرح پنهنجي خود مختياريءَ جي گھر ڪندا آهن ڇو ته خود مختيار ادارا وڌيڪ آزاديءَ سان ڪم ڪندا ۽ انهن جو ڪردار غير جانبدار به رهندو.
عوامي سطح تي ٿيندڙ هن بحث ۾ رياستي ادارن جي خودمختياريءَ جو ۽ غير جانبداريءَ جو گھڻي کان گھڻو مطالبو سياسي جماعتون ڪنديون آهن پر حيرتناڪ حد تائين اهو مطالبو سياسي جماعتون ان وقت ڪنديون آهن جڏهن هو مخالف ڌر جي بينچن تي ويٺل هونديون آهن يا حڪومت کان ٻاهر بيٺل هونديون آهن سياسي جماعتن جو اهو گروهھ جيڪو پارليامينٽ جي اندر ناهي هوندو (يعني اهي جماعتون جيڪي اليڪشن ۾ دلچسپي ناهن وٺنديون يا جيڪي چونڊجي ناهن سگھنديون) اهڙيون تمام جماعتون رياست جي ٻن ادارن خاص ڪري جوڊيشري ۽ اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ اهوئي مطالبو ڪنديون آهن ته اهي پنهنجو ڪردار مڪمل طور تي غير جانبدارانه رکن پر جڏهن سياسي جماعتون حڪومت ۾ هونديون آهن ته سندن رويو انهيءَ جي ابتڙ هوندو آهي سندن مقصد هي هوندو آهي ته اهي ٻئي ادارا غير جانبداريءَ جي بجاءِ حڪومت جا حمايتي ۽ مددگار رهن سندن دلي خواهش اها هوندي آهي ته
ماتحت هجن پر جي ماتحت ٿيڻ ڏکيو يا ناممڪن آهي ته ورڪنگ رليشنشپ به پوئلڳيءَ واري هجي اهوئي سبب آهي جو اڪثر جماعتن جو حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ ادارن سان ٽڪراءُ شروع ٿي ويندو آهي ۽ خاص ڪري انهيءَ ٻنهي ادارن سان اختلاف ٿيندي نظر آيا آهن سياسي جماعتن جو اهو ڪردار صاف طريقي سان ٻڌائي ٿو ته هو ادارن جي غير جانبداري هجڻ جي ڪيتري ۽ ڪيستائين حق ۾ آهن هن وقت تائين هن بحث ۾ سياسي جماعتن کي ڏسندي ۽ ٻڌندي ڪڏهن هي بحث انهن کان ناهي ٻڌو ويو ته هو رياستي ادارن جي ڪردار تي ۽ ادارن جي خود مختياري تي ڳالهائيندي ان نقطي ۽ سوال تي ڇو ناهن بحث ڪندا ته رياست جي اندر سڀني ادارن کان وڌيڪ طاقتور ۽ سگھارو ادارو سياست جو هوندو آهي جڏهن سياست جو ادارو طاقتور هوندو ته پوري رياستي نظام جو بنياد به طاقتور هوندو ۽ ان اداري جي طاقتور ٿيڻ جو بنيادي اصول سياسي پارٽين جو خود مختيار، غير جانبدار ۽ جمهوري هجڻ سان جڙيل آهي.
سياسي پارٽي جي ليڊرشپ ڪڏهن به اهو سوال ناهي اٿاريندي ته سياسي پارٽيون پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري جي بحالي ۽ سوال تي ڇو خاموش آهن جڏهن سياسي پارٽيون پنهنجي خانداني ۽ گروهي بالادستيءَ کان آزاد نه هونديون ته اهي اقتدار ۾ اچي رياست جي ادارن جي خودمختياري ۽ غيرجانبداريءَ جي بحالي ڪيئن ڪري سگھنديون هن ملڪ جي مني صدي جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته برسر اقتدار ايندڙ سياست ڪڏهن ادارن جي خودمختياري لاءِ ناهي سوچيو ۽ انهيءَ جو ئي هي نتيجو نڪرندو رهيو آهي جو رياست جا استعمال ٿيندڙ ادارا طاقتور ٿيڻ کان پوءِ سياست جي ٽڪراءَ ۾ ايندا رهيا آهن هاڻي جڏهن ادارن ۽ سياست ۾ ارتقاءِ ٽڪراءَ وڌيو آهي ته هي بحث به وڌيڪ شدت سان سامهون اچڻ شروع ٿيو آهي يعني ارتقاءِ ٽڪراءَ جڏهن طاقتور سياسي جماعت سان نه هو جنهن کي پاڻ پنجاب جي سياسي جماعت سڏيون ٿا پر هي ٽڪراءَ جڏهن ماضي ۾ شيخ مجيب ۽ پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي سان ٿيو ته پنجاب جو رولنگ ڪلاس جيڪو سياست ۾ اڃا قيادت ڪرڻ جي اهليت حاصل نه ڪري چڪو هو اهو خاموشيءَ سان هي سڀ ڪجھه ڏسي رهيو هو ۽ سياست جي ۽ ادارن جي انهن ٽڪرائن کي هو حب الوطني جو نالو ڏئي رهيو هو خاص ڪري ان ٽڪراءَ کي هن حب الوطني ٿي سڏيو جنهن ۾ اسٽيبلشمينٽ جو پلڙو ڀاري هو ايتري حد تائين به تاريخ جو المياتي دور گذرندي نظر آيو جو آمريت جي خلاف ۽ جمهوريت جي بحاليءَ جي تحريڪ جيڪا 1983 ۾ هلي ان تحريڪ کي به اسٽيبلشيمنٽ سان گڏوگڏ پنجاب جي رولنگ ڪلاس جي سياسي ڌڙي (سواءِ پ پ پ جي) ملڪ دشمن تحريڪ سڏيو پر جڏهن هن پاڻ سياسي سگھه حاصل ڪري قيادت ڪرڻ شروع ڪئي ته پوءِ ساڳيا ٽڪراءَ انهي سان به ٿيڻ شروع ٿيا.
هاڻي ان ڌڙي جي قيادت ن ليگ ڪري رهي آهي ۽ ن ليگ جي قيادت شريف خاندان ڪري پيو، شريف خاندان جي قيادت نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز ڪري رهيا آهن اڄ هو انهن ساڳين تضادن مان گذرن پيا جن تضادن مان هن رياست جي پوري سياسي تاريخ گذرندي رهي آهي پر تضادن کي ختم ڪرڻ جي سنجيده پاليسي هن وقت تائين ڪنهن به سياسي جماعت اختيار ناهي ڪئي بشمول ن ليگ اڄ به اقتدار حاصل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت ۽ ادارن جي ٽڪراءَ مان فائده حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي مريم نواز جڏهن هي چئي ٿي ته “رياست جي ادارن کي فردن جو بار نه کڻڻ گھرجي” اهو بيان بلڪل صحيح ۽ سچ آهي پر انهيءَ کان وڏو سچ هي آهي ته سياسي جماعتن کي به خاندانن جو بار ۽ فردن جو بار پنهنجي مٿان برداشت نه ڪرڻ گھرجي پر اهو مطالبو ڪرڻ يا بيان ڏيڻ انهن جي لاءِ تمام گھڻو ڏکيو آهي جيڪي پوري پارٽيءَ کي پنهنجي جاگير ۽ سرمايو سمجھي انهيءَ تي قابض رهن ٿا جڏهن اهڙي قسم جي سياست ٿيندي ته پوءِ اهڙي قسم جي سياست رياست ۾ ادارن کي خود مختيار ڪئين ٿي ڪري سگھي جڏهن اقتدار ۾ اهي سياسي پارٽيون اينديون جيڪي خاندانن جي ۽ فردن جي مٺ ۾ بند آهن تڏهن انهن پارٽين جي قيادت لازمي طور تي اهوئي ڪردار ادا ڪندي ته تمام رياست جا ادارا هنن جي ماتحتيءَ جو رڳو فرض پورو نه ڪن پر مفادن جو پوراءُ ڪندي غلامي ۾ گذارين.
حڪومت جي ماتحتي ادارن جي فرض ۾ شامل هوندو آهي پر اهو فرض ملڪ جو آئين ۽ قانون طئي ڪندو آهي ته ادارن کي پنهنجي خدمت ڪيئن ڪهڙي طرح ۽ ڪنهن جي لاءِ ادا ڪرڻي آهي تمام ادارن جو فرض عوام جي لاءِ هجي ٿو يعني عوام جي حفاظت، خدمت ۽ انصاف ادارن جو فرض آهي ۽ انهيءَ کان وڌيڪ فرض سياسي جماعتن جو هي آهي ته هو عوام ۾ پنهنجي سياسي حق حاڪميت جو نظريو اصول ۽ عمل اجاڳر ڪن، جڏهن عوام ان بنيادن تي سياسي عمل جو حصو بڻبو ته هو پنهنجي ووٽ جي اهميت کان واقف ٿيندو، تڏهن هو پنهنجي ووٽ جي پاڻ عزت ڪرڻ ڄاڻيندو، جڏهن عوام پنهنجي ووٽ جي عزت ڪندو تڏهن هو ان ووٽ جو محافظ به ٿيندو ۽ ڪنهن ۾ به اها طاقت نه ٿيندي جو ووٽ جي تقدس جي پائمالي ڪري پر اهو سڀ ڪجھه تڏهن ٿي سگھي ٿو جڏهن خود سياست جا ادارا فردن ۽ خاندانن جي غلاميءَ کان آزاد ٿيندا جيستائين سياسي جماعتون خاندانن ۽ فردن جو ٻوجھه پنهنجي ڪلهن تان نه هٽائينديون ان وقت تائين اهو ممڪن ئي ناهي ته رياست جا ادارا فردن جي بالادستي کان آجا ٿين ۽ پنهنجي مٿان مسلط ٿيندڙ نااهلن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪن يا غير قانوني حڪمن کي مڃڻ کان انڪار ڪن. رولنگ ڪلاس جي سياست پوئتي پيل ملڪن ۾ اڃان به پنهنجي قديم حاڪمانه نفسياتي مفروضي کان آجي ناهي ٿي سگھي اهوئي سبب آهي جو هو رياست جي هر هڪ چيز کي پنهنجي ملڪيت تصور پيا ڪن جيئن زمين قدرتي معدني وسيلا ۽ ٽيڪس هر شيءَ تي پنهنجو حاڪمانه حق تصور ڪندي هو سياست کي به پنهنجي ملڪيت ئي تصور ٿا ڪن جيئن ڪارل مارڪس ڪميونسٽ مينيفيسٽو ۾ لکيو ته “سرمائيدار اسان تي هي الزام پيو هڻي ته اسان ملڪيت کي اشتراڪي ڪندي عورت کي به اشتراڪي بڻائي ڇڏينداسين اهو هو سڀ ڪجهھ انهيءَ ڪري ٿو چئي ته هو عورت کي به ملڪيت تصور ٿو ڪري جڏهن ته اسان عورت کي ملڪيت نه پر انسان جي حيثيت ڏيندي عورت ۽ مرد کي برابر سمجھون ٿا.” رياست کي پنهنجي ملڪيت تصور ڪندڙ ان وقت تائين ادارن کي خود مختيار نٿا ڪري سگھن جيستائين ان نفيساتي مفروضن ۽ بيمارين کان پنهنجو پاڻ کي آجو نه ڪندا رياست جا ادارا تڏهن خود مختيار ٿيندا جڏهن سياست پنهنجو پاڻ کي عوام جي لاءِ وقف ڪندي ۽ سياست جا ادارا جڙندا ۽ آزاد ٿيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button