ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوامي ڪاوڙ باوجود عمران خان جي روانگي ملتوي!

Editorial-Article-Allah Bux Rathore

“هيل تائين عمران خان کي گهر ڀيڙي ڪرڻ واريون جيتريون به خبرون هيون، انهن کي “فيڪ نيوز” سمجهيو وڃي!” هي اعلان حڪومتي عهديدار هر صبح ۽ شام ڪن ٿا! حڪومتي عهديدارن جي ڳالهين ۾ ڪيتري حقيقت يا سچائي ٿي سگهي ٿي، ان بابت ڪجهه به چئي نٿو سگهجي، پر سوشل ميڊيا تي هڪ تاثر عام آهي ته واڳ ڌڻين، جنهن ڏينهن کان عمران خان جي ٻيهر پٺي ٺپي، ان ڏينهن کان واڳ ڌڻين جون سرگرميون ۽ حڪومتي اتحادين کي اشارا ڪي ٻيون ڪهاڻيون ٻڌائين ٿا. اهي جن جي چپ تي ڪاوڙ هوندي آهي ۽ هر ڳالهه تي رسي ويندا آهن، پوءِ ان کي رسامو سڏجي يا بليڪ ميلنگ؟ هاڻ ٻيهر کير کنڊ ٿيندي نظر اچن پيا. ڇا هاڻ ان کي رضامندي سمجهي. عمران خان کي پنج سال مڪمل ٿيڻ ۽ برداشت ڪري ڇڏجي يا ان لاءِ صبرن جميلن جو ورد شروع ڪجي؟ گهٽ ۾ گهٽ گجرات جا چوڌري ڀائر ته خوش نظر نه پيا اچن، اهي ته پنجاب ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن واري حڪومت جي قانون کي پٺي ڏئي هليا ويا، ان حوالي سان جيڪا گڏجاڻي ٿي ان مان به اٿي هليا ويا، ان سان گڏ انهن ڪابينا مان به واڪ آئوٽ ڪيو، يا پنهنجي ناراضگي ظاهر ڪندي سامان ساڻ ڪري گول ٿي ويا. هن مان به اهو ئي سمجهجي ته واڳ ڌڻي، عمران خان سان راضي پازي ٿي ويا آهن؟
سوشل ميڊيا مان ڪجهه اهڙيون خبرون آيون، جيڪي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏين ٿيون. هڪ صحافي جو چوڻ آهي ته واڳ ڌڻين، عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ جيڪا تياري ڪئي هئي، اها ملتوي ٿي وئي، چيو ويو ته هن موقعي تي حڪومت جي تبديلي وارو عمل مناسب نه ٿيندو، انڪري عمران خان ڄاڻي ۽ مخالف ڌر! هي به نه چيو ويو ته واڳ ڌڻي هاڻ نيوٽرل ٿي ويندا ۽ عمران خان جي ڪابه مدد نه ڪندا. ان سان گڏ واڳ ڌڻين جو جوڙيل نظام جيئن جو تيئن جاري رهندو! ان دوران هي سوال به پڇيا ويا ته واڳ ڌڻين جيڪي مخالف ڌر کي خاطريون ڪرايون انهن جو ڇا ٿيو؟ ٻڌايو ويو ته جيڪي واعدا ڪيا ويا، انهن کي ملتوي ئي سمجهيو وڃي، انڪري عمران خان اڳي کان وڌيڪ بااعتماد لڳي ٿو، توڙي جو هن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، پر ان باوجود ته صرف مهانگائي جا ڪيترائي طوفان ايندا، پر سونامي ۾ جيڪي لڙهي ويا، انهن جي قسمت، باقي واڳ ڌڻي، انهن کي بچائڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪندا!
واڳ ڌڻين جي عمران خان جي حمايت جي باوجود، ملڪ جو عام ماڻهو ڇا ٿو چئي؟ اهي جيڪي عمران خان جا وڏا حامي هئا، انهن ته حڪمرانن کي بيڪ ڊور ڏانهن اشارو ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان هڪ سينئر صحافي جو ٽوئيٽ آئيني ڏيکارڻ لاءِ ڪافي آهي، هن پيرس بيسڊ هڪ ريسرچ اداري جو حوالو ڏيندي لکيو ته “ملڪ جي 78 سيڪڙو عوام جو خيال آهي ته حڪومت غلط رخ (Wrong Direction) ۾ وڃي رهي آهي. ان سروي ۾ سيپٽمبر ڌاري 66 سيڪڙو شرڪت ڪندڙ چيو ته حڪومت غلط رخ ۾ وڃي پئي، هي عوامي ناراضگي آگسٽ 2019 جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي آهي!”
آءِ پي ايس او ايس مطابق سروي ۾ 1110 مردن ۽ عورتن حصو ورتو، جيڪي ملڪ جا 18 سالن کان وڏي ڄمار جا هئا، سروي ۾ شامل اڪثريت شهرين جي ملڪ ۾ مهانگائي کان پريشان آهي، جن جو تعداد 43 سيڪڙو هو، سيپٽمبر 2021 ۾ مهانگائي کان پريشان ماڻهن جو تعدد 17 سيڪڙو هو. 14 سيڪڙو بيروزگاري، اٺ سيڪڙو ڪرونا وائرس سبب پريشان آهن، محصولن جي ڪري پنج سيڪڙو حصو وٺندڙ پريشان نظر آيا، بجلي جي قيمتن ۾ واڌ سبب ٽي سيڪڙو ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب ٻه سيڪڙو ماڻهو پريشان نظر آيا. سروي مطابق گذريل ٻن سالن دوران سراسري طور تي 72 سيڪڙو شهري مهانگائي ۽ بيروزگاري، 33 سيڪڙو غربت ۽ 29 سيڪڙو اضافي ٽيڪسن جي بار سبب پريشان نظر آيا.
جنهن ملڪ جو اڪثريتي عوام يا سروي ۾ حصو وٺندڙ اڪثريت ملڪ کي غلط ڊائريڪشن ۾ ڏسي، ان کان وڌيڪ ڳڻتي واري صورتحال ٿي نٿي سگهي. سياسي طور تي موجوده نظام کي عالمي ٿنڪ ٽينڪ پهريان ئي هائبرڊ جو نالو ڏئي چڪا آهن. جنهن ملڪ ۾ سويلين نظام تي سوال اٿاريا وڃن، ان جي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ جيڪا ساک هوندي، ان سان دنيا جي اندر سڃاڻپ به ٿيندي. موجوده دور ۾ دنيا جي ملڪن جي سافٽ اميج کي ڏٺو وڃي ٿو، هي به ڏٺو ٿو وڃي ته ڪوبه ملڪ يا اتان جا حڪمران انساني حقن ۽ ٻين عوامي معاملن تي ڪهڙو موقف رکن ٿا. اهڙو ملڪ جنهن کي ايٽمي طاقت سمجهيو ويندو هجي، ان جا طاقتور ادارا هجن، جيڪي اڇي ڪاري جا مالڪ سمجهيا ويندا هجن ۽ عوام جي اشوز تي ڪابه اڳڀرائي نه ٿئي ۽ ڏينهون ڏينهن عوام جي زندگي عذاب ٿيندي هجي، اهڙي ملڪ جي عالمي برادري ۾ ڪهڙي عزت ۽ احترام ٿي سگهي ٿو.
جنهن وقت آمريڪي ٿنڪ ٽينڪس، پاڪستان جي سياسي نظام کي هائبرڊ قرار ڏنو، ان جو مطلب هي هو ته هتي جمهوريت ناهي، نه ئي حڪمران جمهوري انداز سان اقتدار ۾ آيا آهن. هي رپورٽس ته مخالف ڌر جي انهن الزامن کي درست ثابت ڪن ٿيون ته عمران خان کي ڪجهه قوتن اقتدار ۾ آندو آهي. هي ادارن جي روئي سبب پاڪستان جا حڪمران ڏينهون ڏينهن آئسوليٽ ٿيندي نظر اچن ٿا. ملڪ ۾ عوامي سطح تي ڪجهه ٿيندو هجي، اهو به نظر نٿو اچي. جڏهن عوامي حڪومت جي ڊائريڪشن درست هوندي ته خوشحالي به ايندي ۽ عام ماڻهوءَ جي زندگي تي به بهتر اثر پوندا، پر جيڪڏهن ڪٺ پتلي حڪومت هوندي ته عالمي برادري ۾ ان جي عزت ڪيتري هوندي، ان کي سڀ سمجهي سگهن ٿا.
پاڪستان جهڙا ملڪ جتي، گهڻو ڪري سويلين حڪومتن کي اقتدار منتقل نه ٿيندو آهي، پر ايندڙ ۽ ويندڙ حڪمرانن کي اقتدار ۾ شريڪ ڪيو ويندو آهي، جنهن ملڪ جا ادارا يرغمال هجن ۽ اهي عوام جي حقيقي نمائندن جي حوالي ڪرڻ بدران ڪٺ پتلين کي اسڪرين تي رکي حڪمراني جو رينگٽ ڪن، انهن کي پنهنجي وزن جي به خبر هوندي. اسان وٽ اهڙن حڪمرانن کي هميشه واڳ ڌڻي، پراڻا پلاند پاڙڻ لاءِ استعمال ڪندا رهيا آهن، ان جي نتيجي ۾ سويلين سوچ متاثر ٿيندي رهي آهي. ملڪ ۾ سهپ ۽ برداشت جو ڪلچر به جمهوريت جو حصو هوندو آهي، جيڪڏهن حڪومتي نظام ئي عوام دوستي تي ٻڌل نه هجي ۽ ملڪ جي جمهوري قدرن کي هٿي نه ملندي هجي ته اهڙي ملڪ ۾ اسهپ جو پيدا ٿيڻ اڻٽر آهي. جيڪي ملڪ جمهوري قدرن جي نتيجي ۾ وڌيا ويجهيا آهن، اتي ادارن جي بالادستي به آهي ۽ اهي معاشرا سهپ به پيدا ڪري وضعداري سان زندهه رهڻ جو هنر ڄاڻن ٿا. هاڻ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ طرف واڳ ڌڻي ۽ انهن جي جوڙ توڙ آهي ۽ ٻئي پاسي وري عوام جو آواز آهي، جنهن ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته اسان Right Direction ۾ نه وڃي رهيا آهيون، ان جي باوجود واڳ ڌڻين پاران هائبرڊ رجيم کي قائم رکڻ جو مطلب ملڪ کي وڌيڪ Isolation ڏانهن وٺي وڃڻ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button