ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جو بحران

Editorial

ملڪ ۾ پي ٽي آ جي حڪومت اچڻ کان اڳ ۾ به مختلفن جنسون ذخيرو ڪندڙن جو ٻڌندا هئاسين پر هاڻوڪي حڪومت ۾ هر اسم ڄڻ ذخيرو ٿي رهيو آهي. ڪڏهن کنڊ جو بحران ڪر ٿو کڻي ته ڪڏهن اٽو اڻلڀ ٿيو وڃي ته ڪڏهن وري ڀاڻ نٿو ملي. ان مان اهو اندازو پڻ ٿئي ٿو ته حڪومت ذخيرو ڪندڙن آڏو بيوس لڳي پئي آهي. جنهن جي ڪري اها نه رڳو آڏو گوڏا کوڙيندي آهي پر انهن جا مطالبا به مڃيندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اها قيمت عوام ادا ڪندو آهي. شيون مهانگيون ٿينديون آهن، عوام جي کيسي تي مالي بار پوندو آهي ۽ اهو پريشاني کي منهن ڏيندو آهي. اهڙي ريت گذريل ٽن سالن کان عوام لا پريشانيون وڌي ويون آهن. هن وقت سنڌ ۾ ڀاڻ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. ظاهر آهي اها کوٽ هٿرادو آهي ته جيئن ذخيرو ڪندڙ وڌيڪ منافعو ڪمائي سگهن ۽ انهن کان پڇاڻو به ڪيو وڃي. پي ٽي آ جي حڪومت ۾ جيڪو وڏو منافعي خور آهي، ان کي اوتري سهولت مليل هوندي آهي. ان حوالي سان وزير اعظم عمران خان به بيان جاري ڪيو آهي. جنهن ۾ هن ڪارروائي ڪرڻ جو چتا ڏنو آهي.
وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت ذخيرو ڪندڙن خلاف اثرائتا اپا نه کنيا ته وفاقي حڪومت مداخلت ڪري سگهي ٿي، مافيا سان ملي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙ ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جي ذخيري جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته 6 ڏهائي 6 ملين ميٽرڪ ٽن سرڪاري ڪڻڪ جو ذخيرو موجود آهي، اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته منافعي خورن ۽ ذخيرو اندوزي ۾ ملوث عنصر عوام دشمن آهن، انهن خلاف سخت انتظامي ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، ملڪ ۾ کائڻ پيئڻ جي شين جي ڪا به کوٽ ناهي. ڀاڻ ٺاهيندڙ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪي مافيا سان گڏجي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري رهيا آهن، جنهن جي ڪري قيمتون وڌي رهيون آهن. وزيراعظم چيو ته مافيا واهپيدارن جي مفاد جو خيال رکڻ بدران منافعي خوري ۾ مصروف آهي، کنڊ جي شعبي لا متعارف ڪرايل ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم کي ڀاڻ جي صنعت لا به استعمال ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت عوام دشمن ڏوهارين خلاف اثرائتا اپا نه کنيا ته وفاقي حڪومت مداخلت ڪري سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت طرفان ڪارروائي نه ڪرڻ سبب سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ ڀاڻ جي قيمتن ۽ فراهمي تمام گهڻي متاثر ٿي رهي آهي. وزيراعطم چيو ته حڪومت فرٽيلائيزر انڊسٽري کي گيس تي 120 ارب رپيا سبسڊي ڏئي رهي آهي. جڏهن ته انهن کي 100 ارب رپين جي ٽيڪس رعايت پڻ ڏني پئي وڃي، فرٽيلائيزر ڪمپنين طرفان مختلف علائقن ۾ مخصوص ڊيلرن کي اضافي ڀاڻ فراهم ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم ڳڻتي جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته مافيا سان ملي ڪري ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙ ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته ملڪ ۾ ڀاڻ يا ڪڻڪ جي کوٽ ڪا نئين ڳالهه ناهي بلڪه اهڙي قسم جا بحران هاڻوڪي حڪومت جي سڃاڻپ ٿي ويا آهن. پر ڇا حڪومت واقعي به انهن بحرانن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اها انهن بحرانن کي حقيقي معنى ۾ حل ڪري ذميوارن خلاف ڪارروايون ڪري چڪي آهي؟ کنڊ ۽ اٽي جو بحران پيدا ڪندڙ ته عمران خان جي ڪابينه ۾ ويٺل آهن. انهن خلاف به حڪومت ڪجهه نه ڪري سگهي ۽ نيٺ حڪومت کي مهانگي اگهه تي کنڊ ٻاهران گهرائڻي پئي. جنهن جي نتيجي ۾ عوام کي کنڊ به مهانگي اگهه خريد ڪرڻي پئي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي رڳو بيان بازي سان عوام کي رليف نه ملندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button