شوبز

سوناڪشي سلمان خان جي خاندان ۾ شادي ڪندي؟

بالي ووڊ جي دبنگ اداڪارا سوناڪشي سنها سلمان خان جي خاندان ۾ شادي ڪندي، پر ان حوالي سان ٻنهي خاندانن پاران ڪابھ تصديق ناهي ڪئي وئي. ميڊيا مطابق ڀارتي شوبز دنيا ۾ اداڪارن جي شادين جي مند ۾ سوناڪشي سنها جي ڳالهه سامهون آئي آهي. ان کان اڳ راجڪمار رائو ۽ پترليکا شادي ڪري چڪا آهن. جڏهن تھ ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل بھ شادي جي تيارين ۾ مصروف لڳي رهيا آهن، پر انهن ان معاملي تي ڪجهه نھ ڳالهايو آهي. هوڏانهن ٻڌايو ويو آهي تھ سوناڪشي سنها سلمان خان جي خاندان جي بنٽي سچديو سان پرڻو ڪندي. رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ بنٽي سچديو سلمان خان جي ڀا سهيل خان جي زال سيما جو ڀا آهي. جڏهن تھ بنٽي ۽ سوناڪشي پارٽين ۾ گڏ نظر آيا. جڏهن تھ خاندان وارن تصديق نھ ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button