شوبز

ڪرتارپور ۾ فوٽو شوٽ ڪندڙ ماڊل معافي گهري ڇڏي

سکن جي مذهبي جڳهه ڪرتارپور صاحب ۾ فوٽو شوٽ ڪندڙ ماڊل معافي گهري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ماڊل صالحا امتياز تازو فوٽو شوٽ ڪرتارپور صاحب جي احاطي ۾ ڪرايو هو، جنهن تي سک برادري ڪاوڙ ۽ ڏک جو اظهار ڪيو هو. سکن جو موقف هو تھ مقدس جڳهه تي مٿو اگهاڙو ڪري فوٽو شوٽ ڪرائڻ ۽ اهو شيئر ڪرڻ سان کين تڪليف پهتي آهي. هوڏانهن لاهور سان تعلق رکندڙ ماڊل صالحا امتياز سکن کان معافي گهرندي چيو آهي تھ فوٽو شوٽ ڪنهن جا جذبا مجروح ڪرڻ جي نيت سان ناهي ڪرايو، نھ وري ڄاڻي واڻي فوٽو شوٽ ڪرايو آهي، پر ان هوندي بھ منهنجي عمل سان ڪنهن جي جذبن کي تڪليف ٿي آهي تھ معافي وٺان ٿي. هن چيو تھ مان رڳو تاريخ ۽ سک برادري بابت ڄاڻ وٺڻ خاطر ڪرتارپور صاحب وئي هيس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button