شوبز

وينا ملڪ جي امڙ جي عدالت ٻاهران اڳوڻي ناٺي سان بدتميزي

پاڪستاني اداڪارا وينا ملڪ جي امڙ عدالت ٻاهران ڪاوڙ ۾ اچي اڳوڻي ناٺي اسد خٽڪ مٿان پاڻي جي بوتل اڇلي هنئي آهي ۽ ساڻس نامناسب لفظ ڳالهائي بدتميزي پڻ ڪئي آهي. ميڊيا مطابق لاهور جي فيملي ڪورٽ ۾ ٻارن جي حوالگي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران اسد خٽڪ جي وڪيل ٻڌايو تھ گذريل پيشي تي ٻارن کي والد سان ملائڻو هو، پر نھ ملايو ويو آهي، عدالت ڏنڊ بھ ٻڌايو هو. هوڏانهن وينا ملڪ جي وڪيل جو چوڻ هو تھ ٻارن جي ملاقات بابت لکت ۾ آرڊر ناهي، ٻار بيمار ۽ ڪراچي ۾ آهن، اسد خٽڪ گهر اچي ساڻن ملي سگهي ٿو. جڏهن تھ عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ ڄاڻايو تھ ٻارن جي والد سان ملاقات ڪرايو، ٻي صورت ۾ لکت ۾ آرڊر ڏينداسيس. جڏهن تھ وينا ملڪ جي استدعا تي عدالت اهو پڻ چيو تھ والد ٻارن کي ٽن مهينن کان جيڪو خرچ ناهي ڏنو اهو ادا ڪري ۽ ذميواري نڀائي.

اسد خٽڪ اڄ ڏينهن تائين ٻارن کي هڪ رپيو بھ ناهي ڏنو: وينا ملڪ

لاهور: پاڪستاني اداڪارا وينا ملڪ چيو آهي تھ اسد خٽڪ ٻارن کي اڄ ڏينهن تائين هڪ رپيو بھ ناهي ڏنو. لاهور ۾ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ هر ٻڌڻي تي ڪراچي مان اچون ٿا، تمام گهڻو خرچ ٿيندو آهي، جڏهن بھ ٻارن کي والد سان ملائڻ جو چيو ويو، انهن کي آندو آهي، چاهيان ٿي اهي والد سان ملندا رهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button