شوبز

ياسر نواز پنهنجي هدايتڪاري ۾ سنڌي فلم ٺاهيندو

پاڪستان ۾ اردو فلمن ۽ ڊرامن جي مشهور اداڪار ۽ هدايتڪار ياسر نواز ڪيريئر جي پهرين سنڌي فلم ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جنهن تي هو جلد ڪم شروع ڪندو. ميڊيا مطابق پاڪستان ۾ مشهور اردو فلمون تيار ڪندڙ ياسر نواز جلد سنڌي فلم تي ڪم ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي. ان حوالي سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ منهنجي پهرين سنڌي فلم جي ڪهاڻي نورالهديٰ شاهه لکي آهي. هن چيو تھ فلم مڪمل طور ڪمرشل هوندي، هن وقت اسڪرپٽ تي ڪم ڪيون پيا، ڪاسٽ سميت ٻيا معاملا بعد ۾ طئي ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button