شوبز

ڪترينا ۽ وڪي جي لباس ۾ هيرا، سون ۽ چاندي لڳايو ويو

بالي ووڊ جي بار بي ڊول ڪترينا ڪيف ۽ سندس ڪمانڊو ايڪشن هيرو مڙس وڪي ڪوشل شادي ٿي وڃڻ بعد بھ ميڊيا جي سرخين ۾ آهن، هاڻ سندن لباس تي بحث شروع ڪيا ويا آهن، ڇاڪاڻ تھ سندن شادي وارو لباس هيرن، سون ۽ چاندي سان تيار ڪرائڻ سبب ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز رهيو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ڪترين ڪيف ۽ وڪي ڪوشل شادي کي سدابهار بڻائڻ خاطر لباس مشهور فيشن ڊزائنر کان تيار ڪرايو آهي. جڏهن تھ ڪترينا جو لهنگو مٽڪا سلڪ سان تيار ٿيو، سندس گهونگهٽ ۾ سون ۽ چاندي لڳو ۽ ان کي وڪي ڪوشل جي ڪري پنجابي انداز ڏنو ويو. اهڙي طرح ڪنوار جي زيورن ۽ لباس جي خرچ کي سامهون نھ آندو ويو آهي، جيڪي پڻ ساڳي فيشن ڊزائنر تيار ڪيا آهن. هوڏانهن وڪي ڪوشل جي شيرواني ۽ پڳڙي ۾ هيرا، سون ۽ چاندي شامل ڪيا ويا، جنهن کي بھ پنجابي انداز ڏنو ويو. جڏهن تھ شادي ۾ جوڙي کي انتهائي خوش ڏٺو ويو.

زندگي جي نئين سفر ۾ مداحن جي محبت ۽ دعائون گهرجن: ڪترينا ۽ وڪي

شادي رچائي نئين زندگي شروع ڪندڙ بالي ووڊ جي اداڪارا جوڙي مداحن جي نالي جاري ڪيل پيغام ۾ ڄاڻايو آهي تھ زندگي جي نئين سفر ۾ اسان کي اوهان جي محبت ۽ دعائن جي ضرورت آهي. ميڊيا مطابق هنن جو چوڻ هو تھ اسان جي دل هر ان ماڻهو جي شڪرگذار ۽ ٿورائتي آهي، جن سان کي گڏ ڪيو.

شادي جو خرچ ڪترينا ڪيو يا وڪي ڪوشل، نئون بحث شروع

ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل جي شادي ۾ خرچ بابت نئون بحث شروع ٿيو آهي. راجسٿان جي ضلعي سوائي ماڌپور جي تاريخي قلعي ۾ منڊپ سجايو ويو هو، جنهن ۾ رڳو هوٽل جي مسواڙ 4 ڪروڙ رپيا آهي، پر ڄاڻ ملي آهي تھ خرچ جو 75 سيڪڙو ڪترينا پاڻ ڪري پئي، پر ڀارتي ميڊيا اها خبر رد ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button