شوبز

ميشا پاڻ کي بينظير ڀٽو جهڙي قرار ڏنو. تنقيد جو شڪار

پاڪستان ۾ هراسمينٽ ۽ هتڪ عزت جهڙن ڪيسن کي منهن ڏيندڙ ڳائڻي ميشا شفيع پنهنجو پاڻ کي شهيد بينظير ڀٽو جهڙي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن تي مداحن جي وڏي تعداد کيس تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. ميڊيا مطابق ميشا شفيع بينظير جي شادي واري تصوير شيئر ڪري پاڻ کي ڀيٽيو آهي، جنهن تي مداحن جي وڏي انگ ميشا شفيع جي ڳالهه تي حيران ٿيندي کيس سمجهاڻيون بھ ڏنيون آهن. ميشا شفيع بينظير ڀٽو ۽ پنهنجي شادي واريون تصويرون شيئر ڪندي ان جي ڪيپشن ۾ لکيو تھ بينظير ڀٽو جي شادي واري تصوير ڏسي مون کي پنهنجي شادي ياد اچي ويندي آهي، ڇاڪاڻ تھ بينظير ڀٽو ۽ منهنجي شادي واري تصوير ۾ وڏي هڪجهڙائي نظر اچي ٿي، منهنجو انداز ۽ لباس ان جيان آهي. هوڏانهن مداحن جي ٿوري تعداد سندس ساراهه ڪئي، پر وڏي تعداد ۾ مداحن ڪاوڙ ۽ تنقيد ڪندي چيو تھ خدا ڪوڙ ڳالهائڻ واري کي معاف ڪري، بينظير جهڙو ڪير نٿو ٿي سگهي، ان جي سطح کي پڄڻ ممڪن ناهي، سندس لباس بھ مانائتو آهي. هوڏانهن ڪيس خارج ڪرڻ بابت ميشا جي درخواست تي عدالت ۾ وڪيلن دليل مڪمل ڪري ورتا آهن، علي ظفر جا وڪيل سڀاڻي دليل ڏيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button