رانديون

آسٽريليا کي آسٽريليا ۾ هارائڻ بنا سک سان نھ ويهبو: رميز راجا

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي تھ آسٽريليا کي آسٽريليا ۾ هارائڻ بنا سک جو ساهه نھ کڻنداسين. ڪراچي ۾ سي اي او فيصل حسنين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي رميز راجا ٻڌايو تھ ايندڙ ورلڊ ڪپ آسٽريليا ۾ رٿيل آهي، پاڪستاني ٽيم انهن کي سندن ئي هوم گرائونڊ تي شڪست ڏيندي، جنهن کان اڳ پاڪستان کي فيلڊنگ بهتر بڻائڻي پوندي، ٽيم جي پرفارمنس سڌارڻي آهي، پر اهڙي ڪاميابي پچز کي ٺيڪ ڪرڻ بنا ممڪن ناهي. هن چيو تھ پچز جي مٽي آسٽريليا مان گهرائي آهي. جڏهن تھ وڪيٽن کي بهتر بڻائڻ تي 37 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيندا. هن چيو تھ ليگ ميچز جي مد ۾ هائبرڊ پچن جي تياري جي پڻ رٿابندي ڪري رهيا آهيون. رميز راجا جو چوڻ هو تھ اسڪول ڪرڪيٽ ۾ 11 کان 16 ورهين جا 100 ٻار کڻبا، کين 30 هزار ماهوار وظيفو ڏنو ويندو، جن جي ڪوچنگ پڻ وڏي معيار تي ڪرائي ويندي. هن چيو تھ ياسر شاهه زيادتي ڪيس سٺو سنئوڻ ناهي، ان ڪيس ۾ اسان جي پاليسي زيرو ٽالرنس واري آهي، خبر ناهي تھ هن ڪيس ۾ ڪيتري سچائي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button