شوبز

طلعت اقبال بيماري سبب آمريڪا ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ڊيلاس (شوبز ڊيسڪ) پاڪستان جو سينيئر اداڪار طلعت اقبال بيماري سبب آمريڪا ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ميڊيا مطابق 1968ع واري دور ۾ ڪيترائي شاهڪار ڊراما ڪيا. هو 1999ع ۾ خاندان سميت آمريڪا هليو ويو. هن چٽان، شڪست آرزو، ڪاروان ۽ ٻين ڊرامن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو. جڏهن تھ ڪجهه وقت اڳ سندس ڌي سارا پڻ بيماري سبب وفات ڪري چڪي آهي. طلعت اقبال کي آمريڪا ۾ ئي ريسٽ قبرستان ۾ دفنايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button