شوبز

ماهرا خان اوميڪرون ويريئنٽ مان صحتياب ٿي وئي

پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان مداحن آڏو انڪشاف ڪيو آهي تھ اها ڪرونا جي نئين قسم ويريئنٽ جو نشانو بڻجي وئي هئي، پر هاڻ صحتياب ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق ماهرا خان پوسٽ شيئر ڪندي پنهنجي تازي تصوير پڻ رکي ۽ مداحن کي خوشخبري ٻڌائي تھ سندس زندگي معمول تي اچي وئي آهي. هن جو چوڻ هو تھ صحتياب ٿيڻ بعد مان سيلون تي ويس، جتي وار ڪٽرائي گلابي رنگ ڪرڻ جو چوڻ تي هيئر ڊريسر خوفزدا ٿي ويو، تنهنڪري رنگ تھ نھ ڪرايو، پر وارن جو انداز بدلايو، بعد ۾ گهر آيس تھ امڙ مون ڏسي حيران ٿي وئي. هن چيو تھ وارن کي رنگ يا ننڍا ڪرائڻ جو سوچيو بھ نھ هو، پر مان هاڻ ان تي خوش آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button