شوبز

ڊرامن ۾ عورتن تي گهريلو تشدد بحث هيٺ اچي ويو

پاڪستاني جي ٽي وي ڊرامن ۾ عورتن تي گهريلو تشدد وارا منظر ڏيکارڻ تي هڪ نئون بحث شروع ٿي ويو آهي، جنهن تي مداحن، ميڊيا جي نگراني ڪندڙ ادارن ۽ ڊراما ميڪرز جا رايا پنهنجو پنهنجو نقطي نظر پيش ڪرڻ سبب ورهائجي ويو آهي. هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ پاڪستاني ڊرامي “اي مشت خاڪ” تشدد بابت سڄاڻ ڌرين کي متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ تھ ڊرامي ۾ دوست سان شادي بعد مرد جي روين کي بھ فوڪس ڪري ڏيکاريو ويو ۽ ان ۾ زال کي ڳچي ۾ هٿ وجهي گهلي تشدد ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. جڏهن تھ اداڪار جوڙي فيروز خان ۽ ثنا جاويد جي ڪردارن ۾ تشدد تي ايندڙ رايا حمايت ۽ مخالفت ۾ ورهايل آهن. مداحن اهڙن منظرن تي افسوس ظاهر ڪيو آهي. جڏهن تھ ميڊيا جي نگراني ڪندڙ هڪ اداري جي سربراهه تسنيم احمد جو چوڻ آهي تھ هن قسم جي ڊرامن ۾ صابرين عورتن کي تشدد برداشت ڪرڻ جي سکيا ڏني پئي وڃي. هوڏانهن هدايتڪار احسن طالش جو چوڻ آهي تھ اسين اهو ئي ڏيکاريون پيا جيڪو سماج ۾ ٿي رهيو آهي، ماڻهو اصل پيغام کي نٿا سمجهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button