شوبز

ڪاليج ۾ جنهن سان محبت ٿي، هاڻ اهو دوست آهي: عائشا عمر

پاڪستاني اداڪارا عائشا عمر انڪشاف ڪيو آهي تھ ڪاليج ۾ مون کي جنهن ماڻهو سان محبت ٿي، هاڻ اهو بهترين دوست آهي. خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ پاڪستان ۾ 15 سيڪڙو ماڻهن جي محبت جي پڄاڻي شادي ٿيڻ تي ٿئي ٿي. جڏهن تھ مون کي بھ ڪاليجي زندگي ۾ هڪ ماڻهو سان محبت ٿي، اسين خوش هئاسين، ان وقت جا ماڻهو ڄاڻن ٿا تھ اها محبت هڪ طرفي نھ هئي. هن چيو تھ هن شخص جي شادي ٿي وئي، ڇوتھ مان ان وقت شادي تي راضي نھ هيس، جنهن بعد اسان گڏجي فيصلو ڪري پنهنجا رستا ڌار ڪيا. هن چيو تھ هو خوش زندگي گذاري رهيو آهي، مون سندس خوشي چاهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ هو تھ عمر رڳو هڪ نمبر آهي، مان پاڻ کان ننڍي عمر واري ڇوڪري سان شادي ڪري سگهان ٿي، ڇاڪاڻ تھ اهو ڪو مسئلو ناهي، جيڪڏهن ننڍي عمر وارو ڇوڪرو بالغ ۽ سوچن ۾ مثبت هجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button