شوبز

شزا ۽ فضا واري ڊرامي ۾ غيراخلاقي منظر ناهن: هدايتڪار

پاڪستاني ڊرامي جڙوان ۾ جاڙين ڀينرن جي ڪردارن شزا ۽ فضا بابت هدايتڪار محمد اشعر اصغر چيو آهي تھ شزا ۽ فضا واري ڊرامي ۾ غيراخلاقي منظر ناهن، نھ وري انهن ۾ ڪا غلط ڳالهه ڏيکاري وئي آهي. ميڊيا سان ڳالهائينيد هن ٻڌايو تھ ڊرامي جي هڪ پراڻي ڪلپ وائرل ڪري تنقيد ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ گهوٽ غلط ڪنوارن جي ڪمرن ۾ ويندي ڏيکارجن ٿا، اهو رڳو هڪ ڪلپ هو، پر ڪهاڻي جو ٻيو رخ بھ ڏيکارڻ گهرجي ها. هن چيو تھ ماڻهن تنقيد ۾ ڊرامي جو هڪ رخ ڏيکاريو، ڪهاڻي مثبت نموني پيش ٿي هئي. ياد رهي تھ ڊرامي جڙوان ۾ ڪرن تعبير هڪ ئي وقت ٻھ مک ڪردار ڪري پاڻ مڃايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button