شوبز

عامر لياقت کي نئين زال چوٿين شادي جي اجازت ڏئي ڇڏي

پي ٽي آئي جي ايم اين اي عامر لياقت علي جي ٽين زال دانيا شاهه حيران ڪندڙ انڪشاف ڪيو آهي تھ هن مڙس کي چوٿين شادي ڪرڻ جي بھ اجازت ڏئي ڇڏي آهي. خانگي ٽي وي جي شو ۾ عامر لياقت سان گڏ شرڪت دوران ميزبان جي سوال تھ، عامر لياقت وري نئين شادي ڪري تھ اوهان ڇا ڪندا؟ جي موٽ ۾ دانيا شاهه ٻڌايو تھ مون کيس چوٿين شادي جي اجازت ڏني آهي، ڇاڪاڻ تھ منهنجو اهو حق ناهي تھ مان مڙس کي وڌيڪ شادين ڪرڻ کان روڪي سگهان، جيڪڏهن مان هن کي پيار ڏينديس تھ هو مون وٽ رهندو، نھ تھ وڌيڪ شاديون پيو ڪندو. هن چيو تھ منهنجي خيال ۾ مڙس جي مرضي آهي تھ وڌيڪ شاديون ڪري يا نھ ڪري. ياد رهي تھ عامر لياقت 10 فيبروري تي ٽڪ ٽاڪ گرل دانيا شاهه سان ٽين شادي ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button