سائنس ۽ ٽيڪنالاجي

ڊائنوسار کي زڪام، کنگهه ۽ بخار بھ ٿيندو هو: تحيقي ۾ انڪشاف

سائنسدانن هڪ انتهائي حيران ڪرڻ واري پنهنجي نئين تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو آهي تھ اڄ کان ڪروڙين سال اڳ موجود دنيا جي اجگر جانورن ڊائنوسارن کي بھ زڪام، کنگهه ۽ شايد بخار جهڙا مرض ٿيندا هئا.

ڊائنوسار ۾ بيماري ٿيڻ جو وڇور

برطانوي خابرو اداري پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي تھ آمريڪي رياست مونٽانا جي ميوزيم آف راڪيز جي ماهرن اٽڪل 15 سال قديم ڊائنوسار رڪازات جي فوسلز يعني پنڊپهڻ ٿي ويل باقيات تي ڪيترائي سال تحقيق ڪرڻ بعد ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي آهي تھ،  ڊائنوسار جا اهي فوسلز 1990ع جي ڏهاڪي ۾ مونٽانا جي علائقي مالٽا مان دريافت ٿيا هئا، جيڪي ڊگهي ڳچي، ڳري جسم ۽ چئن پيرن واري سائروپوڊ نالي ڊائنوسار جا هئا، جيڪو اٽڪل 15 ڪروڙ سال اڳ وجود رکندو هو.

ڪروڙين سال اڳ ڌرتي تي رهدنڙ ڊائنوسارن جو خاڪو

ڊائنوسار جي هن قسم تي تحقيق دوران ڊولي نالي ڊائنوسار ۾ زڪام، کنگهه ۽ بخار جي ڪيفيتن جو انڪشاف ٿيو، جيڪي علامتون خاص ڪري برڊ فلو سان ٿيندو آهن. تحقيق ۾ اها ڳالهه پڻ دريافت ٿي تھ هن قسم جي ڊائنوسار جي ڳچي ٻين ڊائنوسارن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڌيڪ ڊگهي ۽ مختلف آهي.

ڊائنو سارن جي رهڻي جو هڪ انداز

ماهرن اندازو لڳايو تھ ڊائنوسار ڊولي کي زڪام سبب کنگهه جو ايترو تھ شديد دورو پيو جو ان سان سندس جسم جي بناوٽ شديد متاثر ٿي جو ان جون پاسراٽيون پنهنجي جڳهه کان هٽي ويون هيون. سائنسدانن موجب ڊائنوسار شديد بيماري جي حالت ۾ 15 کان 20 سالن جي عمر ۾ مري ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button