عالمي

آمريڪا جي پنهنجن شهرين کي يوڪرين ڇڏڻ جي هدايت

واشنگٽن: آمريڪي صدر آمريڪي شهرين کي فوري طور تي يوڪرين ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر جو بائيڊن روس ۽ يوڪرين وچ ۾ تڪرار شدت اختيار ڪرڻ تي آمريڪين کي فوري طور تي يوڪرين کي ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي. آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن روس يوڪرين تي حملو ڪيو ته اهو آمريڪين کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو دستا نه موڪلينداسين تنهنڪري يوڪرين ۾ موجود آمريڪي فوري طور تي ملڪ ڇڏين. آمريڪي صدر خطي ۾ تيزي سان ٿيندڙ سرگرمين بابت به خبردار ڪيو آهي. جو بائيڊن چيو ته اسان دنيا جي وڏي فوج مان هڪ کي منهن ڏئي رهيا آهيون، اها ڏکي صورتحال آهي ۽ شِيون گهڻي تيزي سان ٿي رهيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button