شوبز

صوفيا مرزا جي ڪيس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري اڄ عدالت طلب

پاڪستاني اداڪارا صوفيا مرزا جي ٻارن جي واپسي واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ پرڏيهي وزارت کي اڄ طلب ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق سپريم ڪورٽ صوفيا جي ٻارن جي واپسي واري درخواست تي نوٽيس جاري ڪيا آهن. ان کان اڳ ٻڌڻي دوران ڊائريڪٽر پرڏيهي وزارت عدالت کي ٻڌايو تھ ٻارن جي واپسي جي ڏس ۾ يو اي اي حڪومت کي درخواست موڪلي ڇڏي آهي، معاهدي تحت ٻن مهينن بعد جواب ملندو. جسٽس مقبول باقر رمارڪس ڏيندي چيو تھ پرڏيهي وزارت جي رويي سبب سيڪريٽري کي طلب ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر چيو تھ عدالت جيڪو ڪم ڪندي ان تي عمل ٿيندو، جسٽس مقبول باقر چيو تھ عدالت کي ئي حڪم ڏيڻو آهي تھ وزارت جي ڪهڙي ذميواري بچي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button