شوبز

مشال خان تي تيزاب سان حملو ڪرڻ جي ڌمڪي

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل مشال خان تي تيزاب سان حملو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي. ميڊيا مطابق حليمھ نالي عورت جي سوشل ميڊيا آئيڊي تان مشال خان کي حملي ڪرڻ جي ڌمڪ ملڻ جو انڪشاف مشال خان پاڻ ئي ڪيو آهي ۽ اهڙي ڌمڪي جا اسڪرين شاٽس پڻ شيئر ڪيا آهن. اسڪرين شاٽس موجب حليمھ نالي عورت جو چوڻ هو تھ مشال خان فحش آهي، تنهنڪري ان جهڙين عورتن کي معاشري مان ختم ڪرڻ گهرجي. هوڏانهن مشال خان اهڙي ڌمڪي جي ردعمل ۾ ڄاڻايو آهي تھ مون ايف آئي اي جي سائبر ونگ کي درخواست ڏني آهي، ڇوتھ اهڙا ماڻهو خوفناڪ آهن. هن چيو تھ عورت جي آئيڊي تان مون تي تيزاب حملي لا مدد گهري وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button