شوبز

طالبان اچڻ بعد افغان فنڪار ڀاڄيون وڪڻڻ لڳا..!!

ڪراچي (جائزو رپورٽ) افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت تي ڪنٽرول سنڀالڻ کانپو ملڪ ۾ شوبز جي دنيا جو ڪم ڪار ٺپ ٿي ويو آهي، جنهن ڪري اداڪار، راڳي ۽ ٻيا لاڳاپيل ماڻهو ڀاڄيون وڪڻي گهر جو وهنوار هلائڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. ميڊيا رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ڪيترن ئي مشهور فنڪارن کي مڪينڪ جا دڪان کولي موٽرسائيڪلون ۽ ٻيون گاڏيون ٺيڪ ڪندي ڏٺو ويو آهي. اهڙي ريت موسيقار سر تخليق ڪرڻ بدران کير ۽ ٻيا دڪان بھ کولي رهيا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ جن دڪانن تي موسيقي جا اوزار ملندا هئا، سر ٻڌبا هئا ۽ فنڪارن جي اچ وڃ هوندي هئي، انهن ۾ پٽاٽا، گجرون ۽ ساوا مرچ ٽنگيل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button