شوبز

عمر شريف جي زال کان فليٽ خريد ڪندڙ شهري عدالت پهچي ويو

عمر شريف جي گهرواري کان فليٽ خريد ڪندڙ شهري عدالت پهچي ويو. عمر شريف جي زال زرين غزل کان فليٽ خريد ڪندڙ محمد سلمان عدالت پهچي ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جي درخواست ڏيئي ڇڏي. درخواستگذار موجب عمر شريف جي زال زرين غزل کان ساڍا 4 ڪروڙ روپين ۾ فليٽ خريد ڪيو هو ۽ عمر شريف جي موجودگي ۾ ئي فليٽ جي منتقلي جي ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي هئي پر ان باوجود عمر شريف عدالت ۾ درخواست ڏني ۽ عدالت جي حڪم تحت جائيداد جي منتقلي رڪجي وئي آهي. محمد سليمان عدالت کي درخواست ڏني ته فليٽ سندس حوالي ڪيو وڃي. عدالت زرين غزل کي به فليٽ وڪڻن کان روڪڻ واري عبوري حڪم ۾ به واڌ ڪري ڇڏي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button