
ڀارتي اداڪارا ۽ ڳائڻي شهناز گل پنهنجي آنجهاني دوست سڌارٿ شڪلا جي حوالي سان چيو آهي تھ هن مون کي ڪڏهن بھ کلڻ يا ٽهڪ ڏيڻ کان نھ روڪيو هو. ٽي وي شو ۾ ڳالهائيندي شهناز گل ٻڌايو تھ ماڻهو ڇا بھ چون، مون کي پرواهه ناهي، ڇوتھ سڌارٿ مون کي خوش ڏسڻ چاهيو ٿي، سو مان خوش رهنديس.