
پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات پنهنجي دل کي سمجهاڻيون ڏيندي وقت گذاري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق مهوش حيات مشهور انگريزي گيت جا ٻول ۽ چوڻيون شيئر ڪيون، جنهن بعد جذباتي ڳاليهون شيئر ڪرڻ تي مداحن بھ مهوش حيات کي آٿتون ڏنيون آهن. مهوش حيات تازيون دلڪش انداز واريون تصويرون شيئر ڪيون ۽ انهن جي ڪيپشن ۾ لکيو تھ، دل سان معذرت، اڄ نھ، ڇوتھ مان تنهنجي ذريعي خواب ڏسان ٿي، جنهن تي مداحن کيس ساراهيو آهي.