هالي ووڊ اداڪار ۽ تازو ئي بهترين اداڪار جو آسڪر ايوارڊ کٽيندڙ ول سمٿ 10 سالن تائين آسڪر تقريبن ۾ نھ شرڪت نھ ڪري سگهندو، ڇاڪاڻ تھ مٿس پابندي لڳائي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڪاميڊين ڪرس راڪ جي ٽوٽڪن ۾ زال تي ٺٺول ڪرڻ تي ول سمت ڪاوڙ ۾ اچي ڪرس راڪ کي ٿڦڙ هنئي هئي، جي 12 ڏينهن بعد اڪيڊمي ايوارڊ جي 94 تقريب ۾ ٿيل واقعي جي پسمنظر کي ڏسندي اڪيڊمي جي گورننگ باڊي فيصلو ٻڌائيندي مٿس پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڏنو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ 12 ڏينهن اڳ ٿيل واقعي ۾ ول سمٿ بهترين اداڪار جون ايوارڊ کٽيو هو. اڪيڊمي جي فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ، ول سمٿ آسڪر ايوارڊ پاڻ وٽ رکڻ سان گڏ پابندي دوران نامزدگي ۽ ايوارڊ بھ کٽي سگهي ٿو. فيصلو ۾ چيو ويو آهي تھ پابندي جو مطلب اهو آهي تھ روايت موجب ول سمٿ آسڪر ايوارڊ پيش نٿو ڪري سگهي. هوڏانهن ول سمٿ جو چوڻ هو تھ کيس گورننگ باڊي جو فيصلو قبول آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close