
بالي ووڊ اداڪارا سونم ڪپور جي ساهراڻي گهر مان ڪروڙين رپين جو ڌاڙو لڳو آهي. ميڊيا مطابق سونم ڪپور جي مڙس آنند آهوجا جي والد، والدا ۽ ڏاڏي جي نئين دهلي واري گهر مان فيبروري مهيني دوران جوابدار هڪ ڪروڙ 41 لکن جا زيور کڻي ويا آهن، جنهن بعد آنند آهوجا جي ڏاڏي سرلا آهوجا جي درخواست تي ملازمن کان پوليس جي آڏي پڇا ڪري رهي آهي. سرلا آهوجا جو چوڻ آهي تھ 11 فيبروري تي زيور چيڪ ڪيا تھ نھ مليا، بعد ۾ پوليس کي اطلاع ڏنو آهي.