
بالي ووڊ اداڪارا نرگس فخري چيو آهي تھ جڏهن مان سنهڙي سيپڪڙي هيس تھ مانهن وزن وڌائڻ جو چيو، هاڻ جڏهن ڪجهه ٿلهي ٿي آهيان تھ انهن ئي ماڻهن مون کي ڳورهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ، منهنجي رومانس بابت خبرون بھ ماڻهن ئي پکيڙيون ۽ اڳتي وڌايون آهن.