
پاڪستان جي خوبصورت ادڪارا سارا خان چٽن لفظن ۾ چئي ڇڏيو آهي تھ رومانوي منظرن سبب مان فلمن ۾ ڪم نٿي ڪري سگهان. هڪ انٽرويو دوران فلمن ۾ ڪم نھ ڪرڻ جي حوالي سان واضع نموني سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ آئون نھ تھ سٺي ڊانسر آهيان ۽ نھ وري پنهنجي حدن کي ٽوڙي ڪو ڪم ڪنديس. هن چيو تھ فلمن بابت پنهنجا اصول ٺاهيا آهن، انهن تحت ڪردار ملي ٿو تھ انڪار نھ ڪنديس، پر گانا ۽ ڊانس فلمن ۾ نھ هجي، ائين نٿو ٿي سگهي، تنهنڪري امڪان ناهي تھ ڪم ڪيان. هن چيو تھ پيار اکين سان ٿي سگهي ٿو، ائين ڪرڻ جي اجازت ملي تھ وڏي پردي تي اچي سگهان ٿي.