شوبز

ڪبرا خان ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿي وئي..!!

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا ڪبرا خان عالمي وبا ڪرونا جي چوٿين لهر جو نشانو بڻجي ان ۾ مبتلا ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق گهر ۾ پاڻ کي ڪرونٽائين ڪندڙ ڪبرا خان تفصيلي پوسٽ سوشل ميڊيا تي رکي آگاهي ڏني آهي تھ انسان بنيادي طور ذائقي، ساهه کڻڻ ۾ آزادي جي نعمت کي تڪليف ۾ محسوس ڪندو آهي. هن ٻڌايو تھ منهنجي ڪرونا ٽيسٽ مثبت ڪجهه وقت اڳ آئي هئي، ڪالهه جيئن مون چانهه پيتي تھ مون کي ان جي خوشبو محسوس ٿي، جنهن تي خوشي ۾ روئي ويٺس ۽ خدا جو شڪر ادا ڪيو، هاڻ مان صحتياب ٿي رهي آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button