
پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل مٿيرا انڪشاف ڪيو آهي تھ مان روزي ۾ ويسر سبب اڪثر وقتن تي پاڻي پي ڇڏيندي آهيان ۽ بعد ۾ گهرڀاتي ياد ڏياريندا آهن تھ مون کي روزو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ رمضان جا روزا رکڻ بعد ماني پچائيندي ذائقو چکڻ تان بھ امڙ ٽوڪيندي آهي ۽ مون کي روزو هجڻ جي ياد ڏياريندي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو تھ مان ننڍپڻ کان اڄ تائين پراسرار حرڪتون ڪندڙ رهي آهيان.