
هالي ووڊ جي مشهور اداڪار ول سمٿ مٿان ڏکيا ڏينهن اچي ويا آهن، ڇاڪاڻ تھ سندس فلم جي سيڪوئل کي روڪيو ويو آهي ۽ سندس هڪ شو جي شوٽنگ بھ التوا شڪار ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق آسڪر ايوارڊ تقريب ۾ ول سمٿ جي ڪاميڊين کي ٿڦڙ هڻڻ تي سندس خلاف نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جيڪي انتهائي سخت آهن. ول سمٿ جي فلم برائيٽ جي سيڪوئل واري ڪم کي نيٽ فليڪس روڪي ڇڏيو آهي ۽ نيشنل جيوگرافڪ ول سمٿ جي نان فڪش شو پول ٽو پول کي التوا ۾ رکي ڇڏيو آهي.