
پاڪستاني اداڪارا عفت عمر اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي چٿرن جا تير وسائي ڇڏيا آهن. ميڊيا مطابق عفت عمر مزاح واري حس جو استعمال ڪندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي يوٽرن وٺڻ جي نشاندهي بھ ڪئي آهي. هن پوسٽون شيئر ڪندي لکيو آهي تھ، عمران مارچ ۾ دعا گهري تھ عدم اعتماد جي تحريڪ اچي تھ ٽي وڪيٽون اڏائيندس، اپريل ۾ اها آئي تھ ان کي سازش قرار ڏئي ڇڏيو. هن لکيو تھ عورت عمران خان خلاف ڳالهائي تھ بد ڪردار، مرد ڳالهائي تھ غدار ٿيو وڃي، هن جي چوري پڪڙجي تھ اندرين سازش ۽ ڪرسي کسجڻ پرڏيهي سازش هجي ٿي. صحافي ڳالهائين تھ لفافا ۽ ادارو ڳالهائين تھ ڪرپٽ آهي.