ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ باهه جا وڌندڙ واقعا

Editorial

فريد آباد سانحي کان پو ٿيڻ ته ايئن گهربو هو جو حڪومت کي باهه جي واقعن کي روڪڻ لا هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻ گهرجي ها، ڇاڪاڻ ته هي موسم باهه جي موسم آهي، هر سال هن موسم ۾ باهه جي واقعن ۾ واڌ اچي ويندي آهي، پر حڪومي سطح تي ڪي به موثر ۽ جوڳا اپا نه وٺڻ جي ڪري باهه جا واقعا پيش ايندا رهندا آهن، ان مان اهو ئي ثابت ٿئي ٿو ته حڪومتي سطح تي باهه جي واقعن جي روڪٿام جي سلسلي ۾ ڪا به رٿابندي موجود ناهي. اهو ئي سبب آهي جو فريد آباد سانحي باجود حڪمرانن اک ناهي پٽي ۽ باهه جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهون شدت ايندي پئي وڃي. ڪلهوڪين اخبارن ۾ پڻ مختلف شهرن ۾ باهه جي واقعن جون خبرون رپورٽ ٿيون آهن. جنهن ۾ وڏي پئماني تي مالي نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته هڪ جان به باهه جي نذر ٿي وئي آهي ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آهن.
عمرڪوٽ جي علائقي هيراآباد ويجهو ڳوٺ سالڪ بجير ۾ آدم حجام پاڙي ۾ باهه لڳي وئي، جنهن سبب 20 کان وڌيڪ ڪچا گهر سڙي رک ٿي ويا. باهه لڳڻ دوران گهرن ۾ ويٺل عورتن ۽ ٻارن ۾ رڙيون پئجي ويون، وقت سر ضابطو نه اچڻ تي باهه سڄي ڳوٺ کي وڪوڙي ڇڏيو، جنهن سبب ڪچا چوئنرا رک ۾ تبديل ٿيندا ويا، جنهن سبب پنج ڀائرن سميت 20 کان وڌيڪ ماڻهن جا ڪچا گهر سڙي ويا، گهرن ۾ پيل سونا زيور، اناج، ڪاغذ، کٽون، بسترا ۽ ٻيو سامان سڙي ويو. اطلاع ڏيڻ باوجود فائربرگيڊ عملو دير سان پهتو، فائربرگيڊ گاڏي فور ويل نه هئڻ ڪري ڪچي ۾ ڦاسي پئي، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي، عمرڪوٽ ٽائون کي لڳندڙ 44 ديهون ٿر جون هئڻ باوجود ٽائون عملي يا ضلعي ڪائونسل ۾ فور ويل گاڏي موجود نه هئڻ ڪري وقتن به وقتن ٿر جي ڳوٺن ۾ باهه لڳڻ سبب لکين رپين جو نقصان ٿي چڪو آهي. هوڏانهن گهر سڙڻ بعد متاثر ماڻهو عورتن ۽ ٻارن سميت کليل آسمان هيٺ ويهي رهيا، جن جي ڪنهن به چونڊيل نمائندي يا ڪاموري مدد نه ڪئي. نيوسعيدآباد لڳ ڳوٺ قلندر بخش کوسو ۾ تيز ھوائن سبب گھرن کي باھه وڪوڙي ويئي، جنھن ڏسندي ڏسندي ڪيترن ئي گھرن کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، جڏهن ته باھه لڳڻ سبب ھڪ 5 ورهين جي معصوم نينگري ثمينا ڌي صدام کوسو سڙي فوت ٿي وئي ۽ 4 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا، نيوسعيدآباد ۽ ھالا جي فائربرگيڊ گاڏين پھچي باھه تي ضابطو آندو. ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان ڳوٺ سوالي ڏنگڻون ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن سبب 60 کان وڌيڪ پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا، باهه لڳڻ دوران پورهيت عورتون ۽ ٻار وٺي رڳو جانيون بچائي سگهيا، گهرن ۾ پيل سونا زيور، اناج ۽ ٻيو سامان رک ٿي ويو. گهر سڙڻ بعد متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن.
اسان سمجهون ٿا ته باهه جي واقعن جو لڳاتار پيش اچڻ حڪومتي ڪوتاهين جو چٽو ثبوت آهي. رڳو افسوس جا بيان جاري ڪرڻ سان ڪم ڪونه هلندو، حڪمرانن کي عملي طور اهڙا قدم کڻڻا پوندا، جن وسيلي باهه جي واقعن جي روڪٿام ڪري سگهجي. هتي هاڻي اها روايت ٿي وئي آهي ته جڏهن ڪو سانحو جنم وٺي ته حڪومتي سطح تي ڏک جو اظهار ڪري پنهنجو فرض ڪري ڇڏجي. جڏهن ته هن وقت عوام کي ڪوڙن دلاسن، افسوسن ۽ ڏک جي اظهار کان وڌيڪ عملي طور مدد جي ضرورت وڌيڪ آهي، جيڪا ڪٿي به نظر نه پئي اچي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت ڪوآپريٽو ۽ وڪٽوريا مارڪيٽ جي متاثرن کي معاوضو ڏئي پئي ته اهڙو اعلان فريد آباد جي باهه متاثرن سميت سنڌ جي جن جن علائقن ۾ به هن مهل تائين باهه جي ڪري جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، انهن جي به سهائتا جو اعلان ڪيو وڃي. آخر ٻٽو رويو ڇو پيو اختيار ڪيو وڃي؟ فريد آباد ۾ ايڏي وڏي سانحي باوجود انهن جي مدد لا حڪومتي جو اهڙو ڪو به ٺوس اعلان سامهون ناهي آيو. نه رڳو فريد آباد پر سنڌ ۾ جتي جتي به باهه راڱا ڪيا آهن، انهن متاثرن جي مالي سهائتا ٿيڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button