
باختين جو تصور مڪالمانگاري گھڻ رخي ۽ گھڻ پاسائون آھي جنھن ۾ ٻڌايو وڃي ٿو تھ ٻولي يا ادبي لکڻي خاص ڪري ناول نگاري ڪنھن مڪالمانگاري جو اظھار ھوندو آھي جيڪو اظھار پنھنجي ماضي، پنھنجي ضد، پنھنجن ٻين عڪسن سان گفتگو ھوندو آھي اھا ٻولي ائبسٽريڪٽ ھجڻ بجاءِ ڪانٽيڪسٽ Context تي آڌاريل ھوندو آھي تنھنڪري ٻولي يا ناول جي گفتگو کي الڳ يا اڪيلو نھ ڏسڻ گھرجي. ڊائيلاگزم جا اھم نقطا ھي آھن تھ اھو؛
ٻھ طرفو عمل ھوندو آھي (ڀلي ڪردار اڪيلو ھجي يا اڪيلائي ۾ ڳالھائيندو ھجي پر تصور يا ذھن تي ڪو نھ ڪو، ڪجھه نھ ڪجھه ھوندو آھي جنھن سان گفتگو ڪندو آھي).
گھڻ آوازي Polyphony جو اظھار ھوندو آھي جنھن ۾ ڪيترائي اظھار جا ذريعا جنھن ۾ صنفون Genre گھڻن ڌنڌن جو ٻوليون Registers زمان ۽ مڪان Time and space جنھن ۾ مختلف ثقافتن جو اظھار جو طريقو، مختلف وقتن جون ٻوليون، حوالا، مثال، ڪھاوتون، چوڻيون وغيره ھونديون آھن.
انھي تصور مطابق ڪنھن بھ دليل کي يڪطرفو يا ھڪ سڪي جو ھڪ پاسو ڪري نھ ڏٺو ويندو آھي پر ان جا گھڻ طرفا مثال يا دليلون ڏٺيون وينديون آھن جنھن بھ ناول يا ادبي اظھار جو نمونو سمجھڻ ذري گھٽ غلط ٿي ويندو.
ڊائيلاگزم گھڻو وسيع ھوندو آھي يعني ڪنھن ھڪ طرفي اظھار تي محدود نھ ھوندو آھي جيڪو تاريخي حقيقتن کان ڪٽيل ھجي.
ڪثرتي اظھار، پسمنظر ۽ پيش منظر ھوندا آھن.
داخلي شعور يا محسوسات جو گھڻ پاسائون نمونو ھوندو آھي.
گھڻ رخي معنيٰ تخليق ڪئي ويندي جنھن ۾ ليکڪ، پڙھندڙ ۽ مواد جو گڏيل عمل دخل شامل ھوندو آھي. يعني معنيٰ جي تخليق گڏيل شعور جو نمونو آھي. ان ڪري سندن چوڻ آھي تھ
“Things don’t exist in themselves, but only in their relations” (Bakhtin, 1975)
ان ڏس ۾ باختين شاعري کي مونولاگ ۽ فڪشن کي ڊائيلاجڪ ڪري تصور ڪندو ھو ڇوتھ شاعري خودي ڪلام جو نمونو ھوندي آھي جنھن ۾ لفظ يا اصطلاح صرف شاعراڻي پيرايي ۾ سمجھيا ويندا آھن جڏھن تھ نثري ادب پنھنجي تاريخي، ارتقائي ۽ گفتگوئيت مان معنيٰ ظاھر ڪندا آھن. ان ڪري ھن ٻٽن آوازن يا نئريشن جو تصور Double Voiced ڏيندي چوي ٿو تھ ھڪڙو آواز لفظي يا لغوي معنيٰ مھيا ڪري ٿو جڏھن تھ ٻيو اطلاقي Implied معنيٰ ڏئي ٿو جھڙوڪ توھان ھوشيار آھيو جنھن جي ھڪڙي معنيٰ اھا نڪري ٿي تھ توھان ذھين آھيو جڏھن تھ ٻي معنيٰ اصطلاحي آھي معنيٰ توھان لومڙ وانگر چالاڪ آھيو. انھي مثال ۾ ٻھ آواز يا بيان آھن جيڪي گفتگو جي وقت، حالات، آواز جي زور، لھجي يا رويي مان پروڙي سگھجن ٿا انھن بنا معنيٰ اڪيلي سر نٿي ڪڍي سگھجي. اھو طريقو لسانيات ۾ فنڪشنل لسانيات Functional Linguistics ۾ گھڻو بحث ھيٺ آندو ويندو آھي جنھن کي مائيڪل ھيليڊي Context of Situation ۾ پيش ڪندو آھي جنھنجو مطلب تھ ڪنھن بھ اظھار Utterance کي اڪيلائي ۾ نٿو پروڙي سگھجي پر ڪنھن صورتحال ۾ موجود رھي سمجھي سگھجي ٿو جيڪو لسانيات ۾ عمليات Pragmatics فلسفي ۾ بھ سمجھيو ويندو آھي. پر باختين لسانيات کان اڳتي وڌي ناول جي ڊسڪورس ۾ انھي لاڙي کي ھٿي ڏني ۽ کولي ڪري ادبي تنقيدنگاري ۾ آندو. سندن چوڻ مطابق ھر اظھار utterance گفتگوئيت يا مڪالمانگاري تي ٻڌل ھوندو آھي. ان جي ابتڙ باختين جو چوڻ آھي تھ ٻولي ۾ ڪجھه اھڙا عنصر بھ ھوندا آھن جيڪي لفظ يا اظھار جي گھڻ رخيت کان الڳ ھوندا آھن انھن کي باختين مرڪزپرستي يا مرڪزيت Centripetal وارا چوندو آھي جيڪي پنھنجي محور مان نھ نڪرندا آھن ۽ انھي محور ۾ مخصوص معنيٰ ڏيندا آھن پر سندن چواڻي اھي جاندار گفتگو يا انساني اظھار جي ڪثرت ۾ بامعنيٰ ھجڻ کان محروم ھوندا آھن. مٿين سموري بحث جي مامري کي باختين Heteroglossia سڏيو آھي جنھن کي ٿامس اي شمٽز Thomas A. Schmitz ھيئن بيان ڪيو آھي تھ What we call by the abstract name of “language” really is variety of different levels: literary and everyday usage, different form of language used in different professions and social strata, forms of language used in different historical periods. Bakhtin called this aspect of language “heteroglossia”. (2002. P.67)
“جنھن کي اسان ٻولي جي تجريديت جي نالي سان سڏيندا آھيون اھو واقعي مختلف سطحن تي مشتمل آھي؛ ادبي ۽ روزمرھه جي ٻولي جو مختلف استعمال، مختلف پيشن ۽ سماجي طبقات ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي جون مختلف شڪليون، مختلف تاريخي دورن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ جا نمونا آھن باختين انھن کي ھيٽروگلاسيا سڏيو آھي. ھي ئي اھو نقطو آھي جتي باختين پاڻ کي سوسيئر جي تجريديت يا نيٽرل ٻولي جي تصورن کان اختلاف ڪري ٿو جنھن ۾ پھريون نقطو اھو آھي تھ سوسيئر ٻولي جي مطالعي يعني لسانيات کي Diachronic يعني وقتي ارتقا واري تصور کي رد ڪري ھڪ وقتي مطالعي Synchronic جو خيال پيش ڪيو جنھن جو مطلب تھ ٻولي جو مطالعو ڪنھن پوئين دور يا ڪنھن ٻي پاسي کي ڇڏي ٻولي جو مطالعو موجوده دور جي موجوده شڪلِ اظھار کي اپنايو وڃي. ان ڏس ۾ سوسيئر ٻھ اھم تصور الڳ ڪري بيھاريا جنھن ۾ ھڪڙو تجريدي نمونو la langue ۽ ٻيو عملي شڪل يعني اظھار Parole جو تصور ڏنو جيڪو باختين جي مطالعي جو بنياد بڻيو. لئنگ سوسيئر مطابق ٻولي جو تجريدي نمونو Abstract Form يعني ٻولي جي ڄاڻ يا معلومات تجريديت ۾ موجود آھي جيڪو خالص آھي جڏھن تھ پئرول انھي ٻولي جو غيرخالص اظھار آھي جنھن ۾ ڪيترائي سماجي پھلو اچي ٿا وڃن.
For any individual consciousness living in it, language is not an abstract system of normative forms but rather a concrete heteroglot conception of the world. All words have the “taste” of a profession, a genre, a tendency, a party, a particular person, a generation, an age group, the day and hour…contextual overtones (generic, tendentious, individualistic) are inevitable in the word. (Bakhtin, the dialogic imagination, 1981).
مطلب تھ ٻولي ۾ جيڪو انفرادي شعور آھي، ٻولي عام رواجي شڪلين جو تجريدي نمونو نھ آھي بلڪھ دنيا جو ھڪ جامد ھيٽيروگلاٽ (گھڻ رخي) تصور آھي. سڀني لفظن کي ڪو ذائقو آھي ڪنھن ڪاروبار جو، ڪنھن صنف جو، ڪنھن لاڙي جو، ڪنھن پارٽي جو، ڪنھن مخصوص ماڻھو جو، ڪنھن نسل جو، ڪنھن عمر گروپ جو، ڪنھن ڏينھن يا ڪلاڪ جو….پيشمنظر جو اظھار دنيا ۾ اڻٽر آھي يعني ٻولي اڻ ڌري ڪونھي ڪا.
انھي پسمنظر ۾ ئي باختين ناول ۾ ڊائيلاگ يعني مڪالمو يا گفتگو جي اھميت تي ڳالھائي ٿو ۽ دوستووسڪي جي ناول ۽ ليو ٽالسٽاءِ جي ناول کي تقابلي طرح پيش ڪري ٿو، جنھن موجب دوستووسڪي سماجي حالتن جي استوار ڪيل صورتحال جو مڪالمو آھي جڏھن تھ ٽالسٽاءِ جو ناول ڪنھن مخصوص شخص جي اڻ ڌريي اظھار جو نمونو آھي. باختين ناول جي مڪالمي جو تجزيو اڳتي ھلي فرانڪوز ريبلياس جي ناول جي تجزيي ۾ ڪري ٿو جنھن جو اھم پاسو وري باختين جي اھم تصور The Carnivalisation of Literature طور ڪري ٿو. اھا رسم وچين دور جي اظھار جو اھم نمونو آھي.
ھلندڙ