
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا عائزا خان کي مداحن بهترين اداڪارا قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق عائزا خان عيد جي حوالي سان فيروزي رنگ جي لباس ۾ نئون فوٽو شوٽ شيئر ڪيو تھ مداح سندس تعريف ڪرڻ بنا رهي نھ سگهيا. جڏهن تھ ڪجهه مداحن سندس وڏي تعداد ۾ فوٽو شوٽس تي ردعمل ۾ ڪمنٽس ڪيا تھ ايڏي گهڻي عيدي ڏيڻ بعد هاڻ بس ڪيو. هوڏانهن مداحن جي وڏي تعداد عائزا خان کي بهترين اداڪارا سڏي سندس فني صلاحيتن کي ساراهيو آهي.