شوبز

ايان علي عمران خان کي نھ گهٻرائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

پاڪستاني سپر ماڊل ايان علي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي نھ گهٻرائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل پوسٽن ۾ ايان علي جو چوڻ هو تھ، مون 20 سالن جي عمر ۾ ڪوڙن ڪيسن کي منهن ڏنو ۽ ڪاميابي ماڻي، اميد آهي، اوهان بھ نھ گهٻرائيندا، هاڻ ڏسجي تھ توهان بھ ڪيترو برداشت ڪري سگهو ٿا. هن چيو تُھ وڌيڪ عزت ڪرائڻي هجي تھ منهنجو نالو کڻجو، سچ تھ توهين ڳالهائي نٿا سگهو، ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ منهنجي نالي جي ٽي آر پي تي ڪمائڻ جي عادت مرڻ گهڙي تائين اوهان نھ ڇڏيندا. هن چيو تھ اوهان چار سال وزيراعظم رهيا، مون تي ڪوڙا الزام هڻڻ بنا توهان جي تقرير ۽ خبر ڪڏهن بھ نھ ٺهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button