شوبز

شاهه رخ خان جي پٽ آريان منشيات بابت اعتراف ڪري ڇڏيو

ممبئي (اسپورٽس نيوز) بالي ووڊ جي ڪنگ شاهه رخ خان جي پٽ آريان منشيات بابت اعتراف ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق اينٽي نارڪوٽڪس بيورو آريان خان کي رڳو منشيات استعمال ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڄاڻايو آهي. جڏهن تھ ٻين تي مختلف الزان هيٺ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. اين سي بي جي پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ آريان خان آڏي پڇا دوران آفيسرن جي آڏو روئي ڏنو آهي، جڏهن تھ هن اهو بھ اعتراف ڪيو تھ 4 سالن کان منشيات استعمال ڪري رهيو آهي. اين بي سي موجب ڪروز جهاز مان گرفتار ڪيل آريان تي منشيات جي استعمال جي ڏوهه هيٺ ڪيس داخ ڪيو آهي، جنهن جي سزا هڪ سال قيد ۽ 20 هزار ڏنڊ آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي تھ ڇاپي ۾ 13 گرام ڪوڪين، 21 چرس، 5 ميفيڊرون ۽ 22 ايم ڊي ايم اي جون گوريون، لکين رپين جي رقم هٿ آئي آهي. هوڏانهن سلمان خان شاهه رخ خان وٽ پهچي مشورا ڪيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button